حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ پنجابي اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن (سپا) جي مرڪزي چيئرمين شاهد چوهدري، جوائنٽ سيڪريٽري افتخار جٽ ۽ اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر افضل آرائين پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ دشمن ڪو به منصوبو سنڌ ۾ آباد پنجابي برادري کي قبول نه آهي. ماضي ۾ به سنڌ ۾ آباد پنجابي برادري ڪالا باغ ڊيم جهڙي سنڌ دشمن منصوبي جي مخالفت ڪئي هئي ۽ هاڻي به درياءِ سنڌ مان ڪڍيل ڇهه واهن جي ڀرپور مخالفت ڪندا.هنن چيو ته سنڌ ۾ آباد پنجابي برادري ڪنهن به صورت ۾ درياءِ سنڌ مان ڪڍيل ڇهه واهن کي قبول نه ڪندي، ڇو ته سنڌ ۾ 70 سيڪڙو پنجابي برادري زراعت سان لاڳاپيل آهي. جيڪڏهن درياءِ سنڌ مان ڇهه واهون ڪڍيون وڃن ٿيون، ته سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ ۾ آباد پنجابي برادري کي ٿيندو.