ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پريميئر ليگ ۾ سنڌي نوجوانن کي نظرانداز ڪرڻ تان سنڌ حڪومت، ايس پي ايل جي ايم ڊي سميت لاڳاپيل ڌرين کي 23 جنوري تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه سنڌ پريميئر ليگ ۾ سنڌي نوجوانن کي نظرانداز ڪرڻ واري مامري تي محمد خان ڪاٺيو پنھنجي وڪيل الطاف سچل اعواڻ معرفت درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته سنڌ پريميئر ليگ ۾ سنڌي رانديگرن کي نظرانداز ڪيو ويو آھي، ايس پي ايل ۾ سليڪشن بورڊ ئي ناھي، ھنن پنھنجي مرضي سان ٻاھريان رانديگر کنيا آھن، جڏهن ته ايس پي ايل لاءِ  صوبي جي ھر ڊويزن مان 5 ڇوڪرا کڻڻا ھئا پر رولز کي فالو نه ڪيو ويو آھي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ٻڌايو وڃي ته ھر ڊويزن مان ڪيترا سنڌي ڇوڪرا کنيا ويا آھن؟ اها رپورٽ ڏني وڃي، عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ داخل درخواست تي سنڌ حڪومت ۽ ايس پي ايل جي ايم ڊي سميت لاڳاپيل ڌرين کي 23 جنوري تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.