ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) نيب پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين سميت 16 آفيسرن خلاف جاچ دوران ڪميشن جا آفيسر مڪمل رڪارڊ پيش نه ڪري سگهيا، نيب اختيارين اڻپورو رڪارڊ پيش ڪرڻ تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي وڌيڪ هڪ هفتي جي مهلت ڏي ڇڏي، نيب ذريعن موجب ايندڙ مرحلي ۾ ڪميشن جي بينيفشريز (فائدا حاصل ڪندڙن) کي به طلب ڪرڻ جا امڪان آهن، ڪميشن جي مختلف آفيسرن پنهنجن ٻن ٻن، ٽن ٽن پٽن، ڌيئرن ۽ ويجهن مائٽن کي به پاس ڪرائي ڀرتي ڪرايو . واضح رهي ته نيب غيرقانوني ڀرتين، ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال بابت ايس پي ايس سي آفيسرن خلاف جاچ ڪري رهيو آهي، نيب اختيارين ڪميشن جي چيئرمين کي نوٽيس اماڻي اڳوڻي چيئرمين نور محمد جادماڻي سميت 16 آفيسرن جو رڪارڊ طلب ڪيو هو، نيب ڪميشن جي ميمبر اعجاز دراني، آفتاب انور بلوچ، هريش چندر، سائينداد سولنگي، غلام شبير شيخ، سيڪريٽري احمد علي قريشي، عبدالڪريم دراني، ڪنٽرولر هادي بخش ڪلهوڙو، ڊائريڪٽر آءِ ٽي شوڪت اڄڻ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر جاويد چاچڙ، ڪنٽرولر امتياز جاگيراڻي، اسسٽنٽ ڪنٽرولر محمد عثمان ميمڻ، عبدالخالق جمالي، ڊپٽي ڊائريڪٽر اخلاق ڪلوڙ ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سهيل پاٽولي خلاف جاچ ڪري رهي آهي، نيب ڄاڻايل آفيسرن جو سروس رڪارڊ توڙي ظاهر ڪيل اثاثن بابت رڪارڊ طلب ڪيو. نيب نوٽيس ۾ ڄاڻايو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف عدالتن ۾ داخل درخواستن جو پڻ مڪمل رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي، عدالتن ۾ جن درخواستن تي فيصلو ٿي چڪو يا جيڪي ڪيس اڃا التوا ۾ پيل آهن، انهن جو به سمورو رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي.