حيدرآباد (رپورٽ:امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين جا ضمانت ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، سيڪريٽري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ايندڙ ٻڌڻي تائين معطل هوندو. 2018ع دوران 17هين گريڊ ۾ ميڊيڪل آفيسرز (ميل ۽ فيميل) جي ڀرتين دوران ميرٽ جي لتاڙ ڪرڻ ۽ وومين ميڊيڪل آفيسر کي لکت واري امتحان ۾ پاس ڪرڻ بعد ورتل زباني امتحان جو نتيجو پڌرو نه ڪرڻ تي مخدوم اسما پنهنجي وڪيل سجاد احمد چانڊيو معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ سندس موقف آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 2018ع دوران اشتهار ذريعي اعلان ڪيو ته ميڊيڪل آفيسرز جي 1783 جاين تي اميدوارن کان امتحان ورتو ويندو جنهن دوران هن سيٽ لاءِ اپلائي ڪيو. لکت واري امتحان ۾ پاس ٿيڻ بعد کانئس زباني امتحان ورتو ويو. ان دوران به کيس پاس قرار ڏنو ويو هو پر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پنهنجا نواز پاليسي تحت کيس ملازمت نه ڏني آهي. ٻڌڻي جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس محمد سليم جيسر ڪئي. وڪيل ٻڌايو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ميڊيڪل آفيسرز جي امتحانن جي نتيجن جو اعلان ڪندي پڌرو ڪيو ته 1337 جاين تي ڪل 477 اميدوار لکت وارو امتحان پاس ڪري چڪا آهن جڏهن ته 1035 جايون رهجي ويون آهن جڏهن ته وومين ميڊيڪل آفيسرز جي 446 سيٽن لاءِ 1046 اميدوارن امتحان ڏنو جنهن مان 434 وومين اميدوار پاس ٿيون آهن جڏهن ته 12 جايون خالي آهن. خالي جاين کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ٻيهر سال 2019ع ۾ غيرقانوني طريقي سان رڳو مرد اميداورن کي انٽرويو لاءِ گهرايو جن کان لکت وارو امتحان توڙي ٻي ڪا به قانوني گهرج پوري نه ڪئي وئي هئي. درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي امتحانن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي نالن سامهون سندن مارڪون به لکڻيون آهن پر ايس پي سي ايس ڪنهن به اميدوار جي نالي سامهون سندس پاسنگ مارڪون نه لکيون آهن. عدالت سيڪريٽري سيد عطاءُ الله شاهه ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايس پي ايس سي عبدالخالق جمالي کان پڇيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين ڇو پيش نه ٿيو آهي؟ سيڪريٽري چيو ته هو آفيس جي ڪم ۾ مصروف هو ان ڪري نه اچي سگهيو آهي. عدالت چيو ته اوهان رڪارڊ کڻي آيا آهيو؟ سيڪريٽري ٻڌايو ته رڪارڊ ته نه کڻي آيو آهي پر وٽس معلومات آهي. عدالت اهڙي جواب تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان جو چيئرمين مصروفيت سبب نه آيو آهي ۽ اوهان عدالت کي بنا رڪارڊ جي گهمراهه ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪريو. عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين نور محمد جادماڻي جا ضمانت ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي هر صورت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. گڏوگڏ عدالت سيڪريٽري سيد عطاءُ الله شاهه کي ايندڙ ٻڌڻي تائين معطل ڪري ڇڏيو آهي.