حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نون ميمبرن حلف کڻي ورتو آهي. ميمبرن جي حلف برداري جي تقريب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس ۾ ٿي جتي ڪميشن جي چيئرپرسن محمد وسيم نون ميمبرن کان حلف کڻايو. حلف کڻندڙ ميمبرن ۾ رضوان ميمڻ، عبدالمالڪ، رضوان احمد، محمد راشد، قاضي شاهد پرويز، عبيدالله خان، علي اظهر بلوچ، محمد عارف حنيف، ڊاڪٽر سيمي جمالي، نصرت حسين مڱڻ، رابعه صلاح الدين، مظفر علي لغاري ۽ وڪرم سنگهه سوڍو شامل آهن. ڊاڪٽر مقصود احمد قاضي اڃا حلف نه کنيو آهي جيڪو ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن ۾ ميمبر طور حلف کڻندو.