حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي پوسٽن تي فزڪس جي سبجيڪٽ ۾ ورتل امتحان ۾ 92 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته گھرو کاتي اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۾ 9 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، پڌرائيءَ موجب سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي عھدي ڪاميابي ماڻيندڙن ۾ 58 مرد ۽ 34 عورتون شامل آهن، جن جي ڀرتي جي سفارش ڪئي وئي آهي.