سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 25 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان نتيجن ۾ مبيناهيرا ڦيري ڪرڻ خلاف درخواستگذار علي رضا طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ داخل ڪرايل درخواست جي جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي مشتمل ڊويزن بئنچ ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران درخواستگذار جي وڪيل ارشاد ڌاريجو دليل ڏيندي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مختلف عهدن تي ڀرتيون ڪرڻ لاءِ ورتل مقابلي جي امتحاني نتيجن ۾ وڏي پئماني تي هيرا ڦيري ڪئي، اميدوارن کي غلط رول نمبر الاٽ ڪري ۽ پاس سبجيڪٽس ۾ کين فيل ڄاڻائي نتيجا تبديل ڪري ٽيڪنيڪل طريقي سان ڪرپشن شروع ڪئي وئي آهي، اهڙا ثبوت عدالت ۾ پيش ڪيا ويا آهن، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اختيارين پنهنجا نواز پاليسي اختيار ڪندي ميرٽ جي لتاڙ ڪئي آهي، عدالت درخواستگذار جي وڪيل جو موقف ٻڌڻ بعد ڌرين کي 25 سيپٽمبر تي پيش ٿيڻ جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.