پنجاب طرفان سنڌو درياھ تي ڌاڙي جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي، جيڪا 1859ع تي پهريون دفعو رڪارڊ تي اچي ٿي، يعني 165 سالن کان پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻندو پيو اچي، انهن 165 سالن ۾ پنجاب ڪهڙي طرح سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻندو رهيو آهي، تنهن بابت کوڙ سارا ڪتاب، دستاويز ۽ ٻيا ڪاغذ پٽ رڪارڊ تي اچي چڪا آهن. پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ سنڌو درياھ ۽ سنڌ جي پاڻي تي هڪ وڏي ڌاڙي هڻڻ جي پهرين ۽ وڏي ڪامياب ڪوشش 1955ع ۾ ون يونٽ لڳائڻ جي صورت ۾ ڪئي وئي، هاڻي ان بابت کوڙ سارا تفصيل سامهون اچي چڪا آهن، تن ۾ واضح ٻڌايو ويو آهي تہ جيئن ئي ٻئي ملڪ پاڪستان ۽ هندستان وجود ۾ آيا تہ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻين شين سان گڏ پاڻي کي بہ ورهائڻ جو عمل شروع ٿيو. پاڻي جي ورڇ ۾ نہ صرف پاڪستان ۽ هندستان جا نمائندا ملندا رهيا پر ساڳئي وقت عالمي بئنڪ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ هڪ حد تائين ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندي نظر اچي ٿي. پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ خاص طور تي پاڻي جي حوالي سان جيڪي ڳالهيون ٿي رهيون هيون، ان سڄي بحث ۾ اها ڳالھ سامهون آئي تہ عالمي قانون تحت جيڪڏهن سڀاڻي پاڪستان ۽ هندستان ۾ پاڻي تي ڪو آخري ۽ حتمي معاهدو ٿئي ٿو تہ پوءِ سنڌ لوئر ريپريئن طور هڪ ڌر هوندي ۽ ان ئي صورت ۾ پاڪستان هندستان سان معاهدي ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هوندو. ان کي مدنظر رکي پاڪستان جي رياست هڪ وڏي سازش سٽي ۽ ان جو حل انهن کي ون يونٽ لڳائڻ جي صورت ۾ نظر آيو ۽ ان کي عملي جامو پهرائيندي انهن ملڪ ۾ ون يونٽ لاڳو ڪيو، جنهن سان سنڌ کي هڪ گهڻ طرفو ناتلافي نقصان ٿيو، پر سڀ کان وڏو نقصان پاڻي واري معاملي تي ٿيو. ڇو تہ ون يونٽ نافذ ٿيڻ سبب سنڌ جو صوبي وارو درجو ۽ تشخص ختم ٿي ويو ۽ سڄو ملڪ ٻن يونٽن يعني اولھ پاڪستان ۽ اوڀر پاڪستان ۾ ورهايو ويو. ۽ جڏهن 19 سيپٽمبر 1960ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ ”سنڌ طاس معاهدو“ ٿيو، تنهن وقت سنڌ ان ۾ شامل نہ هئي، تنهن ڪري اسان ان معاهدي کي هندستان جي پنجاب ۽ پاڪستان جي پنجاب وچ ۾ ٿيل معاهدو چئي ۽ سڏي سگهون ٿا، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين گڏجي سنڌ جي پاڻي تي ”آئين ۽ قانون“ تحت وڏو ۽ تاريخي ڌاڙو هنيو. هاڻي جيڪڏهن اسان ان کي ”سنڌ طاس معاهدي“ جي بجاءِ ”پنجاب جو پنجاب سان پاڻي تي معاهدو” چئون تہ وڌاءُ نہ ٿيندو. اسان سنڌين جي بدقسمتي تہ ڏسو جنهن وقت اهو معاهدو ٿيو پئي، تنهن وقت پاڻي جي الڳ وزارت موجود نہ هئي، پر قدرتي وسيلن جي جيڪا وزارت هئي، پاڻي بہ ان وزارت ۾ شامل هو ۽ ان وزارت جو قلم اسان جي هر دلعزيز ذوالفقار علي ڀٽي صاحب وٽ هو، جنهن جي نظر ۾ جنرل ايوب جي مارشل لا هڪ انقلابي حڪومت هئي ۽ پاڻ ان انقلابي حڪومت ۾ اهم وزير ۽ اڳتي هلي پرڏيهي وزير ٿيو، تنهن ڪري ڀٽي صاحب مان اها اميد ڪجي ها تہ هُو ان وقت سنڌ جو خاص طور تي پاڻي جي حوالي سان ڪيس رکي ها ۽ وڙهي ها، اهو تہ ”ٻٻرن کان ٻير گهرڻ“ برابر آهي!
پنجاب ڪهڙي طرح سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻندو رهيو آهي، انهن جا تفصيل ڏيڻ کان اڳ آئون چاهيندس تہ پاڪستان ۾ مجموعي طور پاڻي جي صورتحال ڇا آهي، تنهن جو هڪ ٿلهي ليکي جائزو پيش ڪيان. مجموعي طور تي پاڪستان ۾ هر سال 145 ايم ايف پاڻي اچي ٿو. ايوريج جي حساب سان. جنهن مان ساڍا 13 فوٽ ملين ايڪڙ ڊيمن ۾ جمع ٿئي ٿو، باقي 104 ايم ايف درياھ جي ذريعي واهن ۾ اچي زراعت لاءِ استعمال ٿئي ٿو. جنهن مان بہ 93 سيڪڙو پاڻي زرعي مقصدن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. پاڪستان وٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي قوت صرف هڪ مهيني تائين جي آهي، جڏهن تہ عالمي قانون مطابق پاڪستان چئن مهينن تائين پاڻي گڏ ڪري سگهي ٿو. ڀارت وٽ ستن مهينن جو پاڻي جمع ڪرڻ جي سگھ آهي، جڏهن تہ مصر وٽ ٻن سالن لاءِ پاڻي جمع ڪرڻ جي قوت آهي. هن وقت پاڪستان ۾ 185 ننڍا وڏا ڊيم آهن، جنهن مان صرف ٻہ وڏا ڊيم تربيلا ۽ منگلا آهن، انهن ٻنهي ۾ ساڍا 13 فوٽ ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جمع ڪري سگهجي ٿو. انهن ٻنهي وڏن ڊيمن مان هر سال زراعت لاءِ 7 کان 8 ميلن ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو، جڏهن تہ ٻيو سڄو پاڻي بجلي ۽ ٻين منصوبن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ٻئي وڏا ڊيم سڄي ملڪ جي زراعت لاءِ صرف 10 سيڪڙو پاڻي ڏين ٿا. نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه هي آهي تہ ايترن ڊيمن جي باوجود بہ سڄي پاڪستان جي زراعت هر سال ڏهه سيڪڙو گهٽ ٿئي ٿي. ڊيمن ۾ جيڪو پاڻي جمع ڪيو ٿو ٿو وڃي، تن جو 90 سيڪڙو پاڻي ضايع ٿي وڃي ٿو تہ، تنهن حوالي سان پاڻي جي ماهر حسن عباس 19 مئي 2022ع تي روزاني ”ڊان“ اخبار ۾ لکيو تک، ”واپڊا جي انگن اکر مطابق تربيلا 1975ع کان 2010ع تائين 6.92 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جمع ٿيو. هاڻي جڏهن اهو پاڻي کوٽ جي وقت درياهن ذريعي ڇڏيو وڃي ٿو، تنهن مان 30 سيڪڙو پاڻي درياهه ۾ ضايع ٿي وڃي ٿو، 30 سيڪڙو واهن، ڪئنالن ۽ شاخن ۾ ضايع ٿي وڃي ٿو، جڏهن ته ساڳي وقت 30 سيڪڙو واٽرڪورسن ۾ ضايع ٿئي ٿو، يعني ڊيم ۾ جمع ڪيل پاڻي جو 90 سيڪڙو ائين ضايع ٿي وڃي ٿو. باقي بچيو 10 سيڪڙو پاڻي يعني 2.32 ملين ايڪڙ فوٽ جيڪو زراعت کي ملي ٿو.“ ياد رهي ته پاڪستان جو زرعي شعبو ملڪ جي 44 سيڪڙو جي ڊي پي ۾ پنهنجو حصو وجهي ٿو، جڏهن ته ٻئي پاسي ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ صرف ست کان اٺ سيڪڙو جي ڊي پي ۾ حصو وجهي ٿو.
”سنڌ طاس معاهدي“ معاهدي کانپوءِ سنڌ جي پاڻي تي ٻيا ڪيترا ننڍا وڏا ڌاڙا جنرل يحييٰ خان، ذوالفقار علي ڀٽو، جنرل ضياءَ، جنرل مشرف، عمران خان، ۽ اڳوڻي پ پ دور (ياد رهي تہ پيپلز پارٽي 95ع ڌاري ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ مهم هلائي هئي) ۾ لڳندا رهيا، پر سڀ کان وڏو ڌاڙو هڪ دفعو ٻيهر نواز شريف جي دور ۾ ۽ ڄام صادق علي جي وڏ وزارت دوران 1991ع ۾ لڳو، جنهن کي سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ پاڻي ٺاھ جو نالو ڏنو وڃي ٿو، جنهن تي سنڌ جي عوام تنهن وقت بہ سخت اعتراض ڪري ان کي رد ڪيو هو ۽ اڄ بہ ان جا ساڳيا اعتراض آهن. ان پاڻي معاهدي تحت پنجاب کي 55.94 ملين ايڪڙ فوٽ، سنڌ کي 48.76 ملين ايڪڙ فوٽ طئه ٿيو. پر پنجاب ان تي بہ عمل نہ ڪيو ۽ پاڻي جي کوٽ جا سبب ڄاڻائيندي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻندو رهيو. وري اڳتي هلي جنرل مشرف جي دور ۾ 2003ع ۾ ٽہ سطحي فارمولا طئه ڪري پاڻي جي ورهاست ڪئي وئي. جنهن تحت پنجاب کي 37 سيڪڙو، سنڌ کي به 37 سيڪڙو، ڪي پي ڪي کي 14 سيڪڙو ۽ بلوچستان کي 12 سيڪڙو طئه ڪيو ويو. سنڌ جي عوام به ان کي قبول نه ڪيو ۽ ٻئي پاسي وقت به وقت ان معاهدي جي به ڀڃڪڙي ٿيندي رهي ٿي.
هاڻي خيرن سان پاڪستان گذريل 76 سالن ۾ وڏيون ترقيون ماڻي چڪو آهي ۽ رياست جا ڪرتا ڌرتا پاڪستان کي وڌيڪ خوشحال ڪرڻ لاءِ ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جون لکين ايڪڙ زمينون کپائڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن ۽ ان کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ انهن متحده عرب امارات، قطر، سعودي عرب، ڪويت ۽ چين سان مختلف معاهدا ڪري رهيا آهن ۽ اهڙا معاهدا ”اسيپشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل“ يعني ”ايس آءِ ايف سي“ جي پليٽ فارم تان ڪري رهيا آهن، جنهن جو بنياد 20 جون 2023ع تي پيو يعني ان کي قائم ٿيندي 20 مهينا ٿي چڪا آهن. هاڻي جڏهن سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جون لکين ايڪڙ زمينون ڏيڻ جو فيصلو ٿيو آهي ته ان لاءِ پاڻي جو خاص بندوبست ڪرڻ لاءِ هڪڙا نوان ڇهه ڪينال ٺاهڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن ۽ هڪ اهڙي ميٽنگ 8 جولاءِ 2024ع تي ايوان صدر ۾ صدر آصف زرداري جي صدارت ۾ ٿي گذري. اهي ڇهه ڪينال هي آهن. ڪڇي ڪينال، ريڻي ڪينال، ٿر ڪينال، چشما رائيٽ بئنڪ ڪينال ۽ چولستان فلڊ فيڊر ڪينال. انهن ڇهن ڪينالن مان ٿل ڪينال تي جنرل مشرف جي دور 2001ع ۾ ڪم شروع ٿيو، جنهن جي خلاف سنڌ ۾ هڪ وڏي ۽ ڊگهي تحريڪ هلي هئي ۽ هلي رهي آهي. ڪڇي ڪينال جيڪو 499 ڪلوميٽرن تائين آهي، ان جو بنياد به مشرف جي دور 2002ع ۾ پيو ۽ 22 نومبر 2024ع تي ان جي بحالي جو افتتاح وزيراعظم شهباز شريف ڪيو. سنڌ جو اصل ۽ وڏو اعتراض چولستان فلڊ فيڊر ڪينال تي آهي. پنجاب ان رٿا تحت ستلج درياهه جي سليمانڪي هيڊورڪس وٽان 4 هزار ڪيوسڪ کان به وڌيڪ جو هڪ ڪينال ڪڍڻ چاهي ٿو. جنهن مان اڳتي هلي هڪڙا پورا چار ڪينال نيو فتح، نيو مراد، نيو هڪڙا ۽ نيو هيرن ڪينال ڪڍندو ۽ انهن ذريعي بهاول نگر ۽ بهاولپور جي ريگستان جي ڇهه لک ڏهه هزار ايڪڙ غيرآباد زمين آباد ڪندو. ان ڪينال لاءِ چيو پيو وڃي ته اهو فلڊ ڪينال هوندو، پر جنهن طريقي سان اها زمين ٻين ملڪن کي ڏني پئي وڃي ۽ ان تحت جيڪي معاهدا ٿي رهيا آهن، تنهن مان واضح ٿئي پيو ته اهو ڪينال صرف ئي صرف ٻوڏ وقت نه پر ٻارنهن مهينا وهندو ۽ ان کي اهڙي طرح هلائڻ لاءِ سنڌو ڌرياهه تي هڪ دفعو ڌاڙو هڻي سنڌ جو پاڻي کنيو ويندو. سنڌ جيڪا اڳئي ڏهاڪن کان پاڻي جي کوٽ کي مُنهن ڏيندي پئي اچي ۽ چيٽ ۽ ڪَتي جي فصلن وقت 30 کان 50 ۽ 55 سيڪڙو تائين پاڻي کوٽ کي منهن ڏيندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ 80 کان 86 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيڻ گهرجي، پر اها 50 لک ايڪڙن تائين به آباد نه ٿي سگهندي آهي پاڻي تي پنجاب جي ڌاڙي سبب (ياد رهي ته هن وقت سنڌ ۾ 1 ڪروڙ 60 لک ايڪڙن تائين زمين آبادي جي لائق آهي)
جنهن ڏينهن کان وٺي چولستان فلڊ فيڊر ڪينال جي ٺهڻ جو اعلان ۽ ڳالهيون شروع ٿيون آهن، سنڌي عوام ان ڏينهن کان وٺي روڊن ۽ رستن تي سراپا احتجاج آهي. تقريبن گذريل ڏيڍ ٻن سالن کان ڪو ڏينهن خالي ناهي جو سنڌ جي ماڻهن ان جي خلاف پنهنجو زبردست ۽ تاريخي رڪارڊ احتجاج نه ڪرايو هجي. هاڻي ته خود چولستان جي علائقي جا سوين هزارين ماڻهو ان رٿا خلاف روڊن ۽ رستن تي نڪتا آهن ۽ 24 فيبروري تي پنجاب جي ضلعي بهاولپور جا 100 کان وڌيڪ رهواسي لاهور هاءِ ڪورٽ آيا ۽ ڪورٽ ۾ ٻڌايائون ته انهن کان زبردستي زمينون ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. هاڻ ان مان اندازو ڪريو ته اهڙي پروگرام هيٺ نه صرف سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي سنڌو کي مڪمل سڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر خود اتي جي مقامي آباد کي ڪيترا خطرا لاحق ٿي پيا آهن. وري ٻئي پاسي سنڌ حڪومت جو مجرماڻو ڪردار آهي، جيڪا صرف بيان بازي کان اڳتي وڌڻ لاءِ تيار ناهي. روز هڪ وزير جي مٿان اها ذميواري وڌل آهي ته اهو ڪينالن خلاف صرف هڪ بيان ”ڦڪائي“ ڇڏي. وزيراعليٰ مراد علي شاهه 25 فيبروري تي چيو ته ”پاڻي سياسي نه پر فني مسئلو آهي.” جيڪڏهن پاڻي صرف ئي صرف ’فني‘ مسئلو هجي ها ته پوءِ مراد علي شاهه ٻڌايو ته توهان جي پارٽي (پ پ پ) ڪالاباغ ڊيم کان ويندي چشما جهلم لنڪ ڪينال ۽ ٿل ڪينال خلاف ڇو تحريڪون هلايون يا انهن تحريڪن جو حصو حصو بڻي؟ پوءِ ويهي ’فني‘ انداز سان ان معاملي کي کڻي ها. وزيراعليٰ جو اهڙو موقف ثابت ڪري ٿو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت، صدر آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ڇهن ئي ڪينالن جا حامي آهن ۽ اهي وفاقي حڪومت سان اهڙي سنڌ دشمني ۾ مڪمل طور نه صرف شامل آهن، پر پوري طرح سهڪار ڪري رهيا آهن ۽ ٻاهر سنڌ جي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ روز مختلف قسم جا بيان ڏئي مڙئي خانه پوري ڪري رهيا آهن ته سي سي آءِ جو اجلاس سڏايو وڃي، اسان پنهنجو ڪيس اتي پيش ڪنداسين. ۽ خيرن سان 13 مهينا گذري ويا آهن، ان جو اجلاس نه سڏايو ويو آهي، جڏهن ته قانون ۾ لکيو پيو آهي ته هر ٽين مهيني ان جو لازمي اجلاس ٿيندو. تنهن ڪري اهي ڳالهيون سڀ هڪڙي لکيل اسڪرپٽ تحت ٿي رهيون آهن ۽ ٻيو اسان کي خبر آهي ته آدمشماري واري معاملي تي وزيراعليٰ مراد شاهه چيو هو ته اسان پنهنجا سڀ اعتراض اتي رکنداسين ۽ آخر ۾ خاموشي سان ڌڻين جيڪي چيو تنهن کي قبول ڪري موٽي آيو. نواز ليگ جي وفاقي حڪومت سان گڏ پيپلز پارٽي جي قيادت کي ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ جي عوام دوست، ترقي پسند ۽ قوم دوست پارٽيون، اڳواڻ، اديب، دانشور، شاعر، صحافي ۽ ليکڪ انهن ڇهن ئي ڪينالن جا سخت مخالف آهن ۽ اهي ڪراچي کان ويندي ڪشمور تائين سخت ۽ مثالي احتجاج ڪري چڪا آهن ۽ ڪري رهيا آهن. اهي جهڙي طرح ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪري چڪا آهن ۽ ان کي ٺهڻ نه ڏنو، اهڙي طرح اهي انهن ڇهن ڪينالن کي به ٺهڻ نه ڏيندا ۽ انهن کي قطعي قبول نه ڪندا!