ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ٽرانسپورٽ کاتي جون زمينون خالي ڪرائڻ لاءِ تياريون، چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ اينٽي انڪروچمينٽ سيل کان مدد وٺڻ جو فيصلو، ان حوالي سان ڪالهه سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي بورڊ جو اجلاس ٿيو. جنهن کي صوبائي وزير خطاب ڪندي چيو ته ٽرانسپورٽ کاتي جي زمينن تان غير قانوني قبضا ختم ڪرائڻ کي يقيني بڻايو وڃي، انهي لاءِ چيف سيڪريٽري ، آءِ جي سنڌ ۽ اينٽي انڪروچمينٽ سيل کان مدد ورتي وڃي، ھن چيو ته جن زمينن تي سرڪاري ادارن جون آفيسون ٺھيل آھن، اُنھن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آھن، نوٽيسز تي عمل يقيني بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن سان ڳالھه ٻولھه ڪئي وڃي. بورڊ جي اجلاس ۾ عبدالستار ايڌي اورنج لائين جي ڪانٽريڪٽي ملازمن جي مُدي ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ پلاننگ اينڊ ڊولپيمنٽ کاتي جي نمائندي پراجيڪٽ مينيجمينٽ يونٽ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر پرويز جمالي کي مستقل مقرري جي سفارش ڪئي ، اجلاس ۾ ايس ايم ٽي اي جي مالي سال 2021-22ع ۽ مالي سال 2023-24ع جي بجيٽ جي به منظوري ڏني وئي.