سنڌ ٻڏي ڪونهي پر هر ڀيري ٻوڙي وئي آھي!

0
88
توهين-جاالزام-هڻي-انسانيت-جو-قتل

 ڪنهن به غلام قوم جي اهڙي تاريخ نٿي ملي جنهن قوم  ڪروڙن جي تعداد ۾ بار بار پنهنجا اباڻا وٿاڻ ڇڏي دربدري ڏٺي هجي،يا شاهوڪار سنڌ جي ذلت جي ماريل ماڻھن جيان هر ڀيري ڪروڙين ماڻھن لڏ پلاڻ ڪئي هجي.   انهي ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته ھتان ماڻھپي  وارا قدر موڪلائي ويا آھن، حرص لالچ لوڀ اچي واسو ڪيو آھي.

                 اڄ سنڌ تاريخ جو بي رحماڻو سفر ڪري رهي آھي.  ماني ڳڀي لاءِ مجبور ۽ لاچار سنڌ جي مارو ماڻھن کي هر ڀيري هٿ وٺي ٻوڙيو پيو وڃي، پهريان فقط پنج هزار سال اڳ جي تباهي جو هڪ شاهڪار مهين جو دڙو هو، جنهن سان هن بدنصيب قوم جي تاريخ ۽ تهذيب جڙيل آھي ،پر هاڻي ته ھر ڏهاڪي بعد سنڌ مهين جي دڙي جو ڏيک ڏيندي رهي ٿي.

                  ٻنهي مهاڀاري لڙاين ۽ هندستان جي ورهاڱي توڙي مهين جي دڙي جي تباهي وقت به ايڏي وڏي پئماني تي ڪيل لڏپلاڻ جا اسان کي سڄي دنيا ۾  مثال نٿا ملن جيڪي لڳ ڀڳ هڪ ڏهاڪي اندر ڏسون ٿا ته نڌڻڪي سنڌ ٽي ڀيرا دربدري مان لانگهائو ٿي آھي، 2010ع /2011ع/۽ 2022 ع۾ بحرالحال شايد سنڌ جنهن سفر ۾ آھي ان سفر جو مک ڪارڻ رياست لاءِ سنڌ جي وسيلن جي پهچ جو سوال ۽ ان لاءِ پ پ جهڙو مڊل مين جيڪو ستر جي ڏهاڪي کان سنڌ جي قسمت ۽ ووٽ جو مالڪ بڻجي مال دولت زمينون ۽ کربين ڊالرن جون بجيٽون ڳڙڪائي ڌڻين سان معاملا ٺاهي سدائين اقتدار تي قابض رهي ڪري ملڪي ۽ عالمي قوتن جي بهتر انداز ۾ خدمت ڪري رهيو آھي.

اها الڳ ڳالھه آھي ته جڏهن به سنڌ اهڙي ڏکي صورتحال جي ور چاڙھي وئي آھي  تڏهن سنڌ جي سڄڻن، هڏ ڏوکي همدردن، آرٽسٽن، صحافين، قانوندانن، ڊاڪٽرن ، نوجوانن، سماج سڌارڪن ،سياسي قوتن، قومپرست ۽ ترقي پسند دوستن پنهنجو پاڻ ملهايو آھي.  هن ٻن مهينن جي قيامت خيز گهڙين ۾ هي سڀ قوتون پنهنجي قوم جي سهائتا ۾ مصروف هيون، جڏهن ته سرڪار ۽ ان جا حواري بندن سم نالين پراڻ ڌامراهه جهڙين شاخن ۽ ڍنڍن کي ڪٽ ڏيئي شھرن ۽ وسندين کي ٻوڙڻ ۾ مصروف هئا، سرڪار ته سنڌ جي عظيم تهذيبي اهڃاڻ ۽ تاريخ کي ميسارڻ لاءِ مهين جي دڙي جو به ڪو بچاءَ نه ڪيو. آڍاٽ جا دڙا يا  ليلا جا آتڻ ۽ ٻيا آثار ته اڳ ئي هنن ميساري زمينون ڪوڙن ڪاغذن ۾ ڏيئي ڇڏيون آھن پر تاريخي اسٽوپا به جھري پيو آھي مهين جي دڙي جون ڀتيون پڻ ڊھي پٽ پيون آھن.

بحرالحال هن وقت ٻڏل ۽ دربدر ٿيل ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ بقا جو سوال آھي، انهي ڪري جيڪي ماڻھو شھر ڳوٺ ۽ اباڻا وٿاڻ ميساريل محسوس ڪندي ڪراچي حيدرآباد، ڄامشورو ،ٺٺو ۽ بدين پهتا آھن فوري طور انهن کي روزگار جي اهم وسيلي واري شھر ڪراچي ۾ آباد ڪرڻ لاءِ پاڻ اپاءَ وٺڻ گهرجن، باقي مان سمجهان ٿو ته سنڌ حڪومت مان اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي مترادف آھي. سڀ کان اول ڪراچي ۾ سيڪيورٽي گارڊ طور ڪمپنين ۾ ۽ بلڊرن وٽ کين نوڪري وٺي ڏيڻ گهرجي چنگچي ريڙھي يا ڪيبن ٺاهڻ لاءِ کين ترت قسطن تي بندوبست ڪرائي ڏجي. سنڌين جا مائڪروفنانس تي ڪم ڪندڙ ادارا اڳيان اچن ٻوڏ سٽيل ڀائرن کي گهٽ انٽريسٽ تي قرض ڏين، رڪوري جو بهتر نظام جوڙي بنگلاديش جي طرز تي ماڻھن جي مڪمل سهائتا ڪئي وڃي،  محتاجي بجاءِ ماڻھن کي خودداري سيکارجي. امداد بجاءِ کين روزگار سان لڳائجي، کين مڇي کارائڻ بجاءِ مڇي مارڻ سيکاريو ، ته ھو پاڻ پنهنجي روزي روٽي جو بندوبست ڪرڻ جي سگھه حاصل ڪري سگهن. هن وقت وڏو مسئلو هن قوم کي دوست ۽ دشمن جي پرک ڪرڻ جو آھي. هينئر سوال سنڌي قوم جي بقا جو آھي هنن ڊزاسٽرس هڻي سنڌي قوم جي مال ملڪيت وسيلن روزگار صحت ۽ تعليم تي انتهائي هاڃيڪار وار ڪيو آھي، سنڌ سياسي سماجي معاشي پستي جي ٻوڏ ۾ لڙھي رهي آھي،  مهانگائي جو سائڪلون سنڌ کي ايٿوپيا جهڙن ڏڪاريل ڏيهن کان به بدتر پوزيشن تي آڻي بيهاريندو.

جيتوڻيڪ ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته سنڌ کي هنن سڀني سازشن ۽ خطرناڪ وارن کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري ڪرڻي پوندي، جنهن لاءِ سڀ کان اهم ڪردار خود سنڌ جي شعور جو جڙي ٿو.  سنڌ واسين کي سکڻو اهو آھي ته جڏهن ايم آرڊي جي جدوجهد دوران ڪي اين شاھه مزاحمت ڪئي لاکاٽ وڙھيو ته انهن مٿان بارود جي برسات وسائي وئي پر دنيا ڏٺو ته ان دور جي فسطائي قوت کي پوئتي هٽڻو پيو. ھي جدوجهد فقط سنڌ ۾ ئي هلي هئي وقتي طور ئي سهي پر سنڌ سوڀ ماڻي پر لڳ ڀڳ هڪ ڏهاڪي کان ٻه ڀيرا ان ڪي اين شاھه کي هٿ وٺي ٻوڙيو ويو پر اتان جي ڀوتارن ۽ ٻوڙيندڙ سرڪار خلاف اسان کي ڪابه مزاحمت نظر نه آئي. سنڌ جو وڏو وزير چوي ٿو ته سنڌ جا ستر سيڪڙو گهر ڊٿا آھن ٽي ڪروڙ پنجٽيھه ھزار ماڻھو در بدر ٿيا آھن جيڪڏهن اڄ به ھي ڪروڙين ماڻھو مزاحمت ڪن  هي حڪومت ته ڇا پر هي جن جي ڪڙيئي تي ويٺل آھن اهي ڳوليا به نه لڀن. حالانڪه ٻئي طرف ڏسون ٿا ته سنڌ حڪومت توڙي وفاقي سرڪار ۽ اپوزيشن کي اربين ڊالر ٻوڏ متاثرن جي مد ۾ ملڪي ۽ عالمي قوتن پاران سهڪار طور مليا آھن،ان ۾ ھنن کي هر طرح  جي امداد سامان ۽ ڏوڪڙ ٻنھي صورتن ۾ مليا آھن،  سنڌ جي  وڏي بدقسمتي اها آھي ته اسان مٿان ڀوتار قابض آھي  جنهن سبب  جيڪا سرڪار سنڌ کي پتي ڏئي ٿي سا هر ڀيري اھي امدادون، وڏيرن، واٺن، ڪامورن، کان ڦري جڏھن ٻوڏ ستايلن تائين پھچنديون آهن ته مستحقن جي ونڊ ۾ وڃي کرڙ بچندي آھي.

منهنجي خيال ۾ هن وقت جيڪڏهن امداد جو ڪاٿو لڳايون ٿا ته سنڌ سرڪار، وفاق اپوزيشن، سول سيڪٽر،ملٽي نيشنل ڪمپنين توڙي سڌي طرح ايندڙ عالمي امداد هر هڪ ڪٽنب کي گهر ٺھرائي ڏيڻ، سنڌ جو انفرا اسٽرڪچر جوڙڻ ۽ ڳوٺاڻي سطح تي ننڍا ڪارخانا لڳائي روزگار جا وسيلا  پيدا ڪرڻ گهرجن. ڪامورن ۽ ڀوتارن کان اهو ڪم چڙھيل آھي انهي ڪري شھري ۽ ڳوٺاڻن تي مشتمل ٻوڏ متاثر بحالي ڪميٽي جوڙي ڪم جي شروعات ڪئي وڃي ، جنهن جي  پلاننگ سان ئي  ماڻھن کي پنڻ کان بچائي سگهجي ٿو ، ڇاڪاڻ ته اتي ھنن  کي ھنر سيکارڻ جو بندوبست ڪري سگهبو ، اسڪول، اسپتال، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ ٻيون سھوليتون مھيا ڪري سگھجن ٿيون، ان کانسواءِ  انتهائي ڏاهپ سان سوچ ويچار ڪري، پاڻي جا قدرتي وھڪرا ۽ لنگھه کولي، درياءَ اندر هٿرادو جڙيل بند ختم ڪري، قبضاگير زميندارن کي اتان ڊوڙائي ڪڍڻ جي ضرورت آھي. ايل بي اوڊي۽ آر بي اوڊي جي ڊزائن ۽ وهڪرن تي غور ڪجي پراڻ ۽ شڪور ڍنڍ تان قبضا ختم ڪرائجن، سم نالين ۽ واھن جا بند مضبوط ڪجن.  اسان سمجهون ٿا ته انھن پراجيڪٽس ۾ پئسا آھن ۽ انھن ۾ الائي ڪيترن جي روزي روٽي پڻ آهي. پر هتي قيمتي سوال اهو آھي ته جيڪڏهن هاڻي ڏاهپ کان ڪم نه ورتو ويو روايتي  ڪرپشن ڪئي وئي ته ياد رکو مون سون جو ھلندڙ ڏهاڪو  سنڌ  کي اٿلائي پٿلائي تباهه ۽ برباد ڪري سگهي ٿو.

ان کان به  جيڪا اهم ۽ بنيادي ڳالھه آھي سا اها ته اسان وري اصل اڳتي وڌڻ لاءِ ھڪ به وک به  نٿا کڻون. اسان انھي انتظار ۾ آھيون ته ڪڏھن ٿي امداد ملي،  ڪڏهن ٿا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وارا پئسا اچن، پوءِ عورتون ويچاريون چند ڏوڪڙن لاءِ پيون ڌڪا کائينديون.

دنيا اندر سال جا اڪثر مهينا برسات جا هجن ٿا  مينهن ماٺ ئي ناهي ڪندو پر اتي دنيا جو ڪار وهنوار جاري رهندو آھي ڪابه لڏ پلاڻ ناهي ٿيندي جتي اشو هئا جهڙوڪ بنگلاديش، ملائيشيا، نيپال وغيره ۾ اتي هاڻي مينهن طوفان ويندي زلزلا به مسئلو ناهن سنڌ جيان اجتماعي آپگهاتي سفر ڪنهن ملڪ ۾ نه پيو ٿئي.   هتي هي ڳالهه به ڌيان طلب آهي  ته نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ حڪومتن اين جي اوز ۽ عالمي ڊونر کي ڀڄايو، انهن لاءِ رستا تنگ ڪيا. اڄ تاريخ جي بدترين صورتحال مان سنڌ، بلوچستان، سرائڪي بيلٽ ۽ سوات گذرن پيا پر پوءِ به ڊونر ۽ سوشل سيڪٽر ان انداز ۾ موجود ناهي جنهن انداز ۾ آوران زلزلي يا 2010ع واري ٻوڏ ۾ ھو.

ڪيترا سور آھن جيڪي سلجن، بس اھا وينتي آھي ته اک پٽيو، ساڃاھه ڌاريو نه ته پاڻ کي ڪوبه نه سڃاڻندو ته پاڻ ڪير آھيون. پوءِ بس اهو ئي هوندو جيڪي ڏاها چئي وياآھن ته ھئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.