حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) حيدرآباد ۾ ٻن ڏينھن وارو نائون حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول شروع ٿي ويو جنھن جو افتتاح سنڌ جي اطلاعات کاتي جي نگران صوبائي وزير محمد احمد شاھ، ڊي جي ڪلچر منور مھيسر، نامياري ليکڪه مھتاب اڪبر راشدي ۽ ٻين سان گڏ ڪيو. ادبي ميلي ۾ مختلف موضوعن تي ويھڪون ٿيون. ان موقعي تي ”سنڌي قومپرست پارلياماني سياست ۾“ جي عنوان تي ويھڪ ٿي جنهن جو ماڊريٽر منظور شيخ هو جڏھن ته ڳالھائيندڙن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه اياز لطيف پليجو هو. ان موقعي تي ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اھو سوال ته ٿيندو آھي ته پارلياماني سياست ۾ قومپرست ڇو ناڪام آهن پر ان ڳالھه تي غور ناھي ڪيو ويندو ته جيڪي ماڻھو سنڌ جا گيت ڳائيندا رهيا، ڪارڪنن پنڌ ڪندا نظر آيا، حيدر بخش جتوئي اليڪشن جو رستو اختيار ڪيو، سائين جي ايم سيد پاڪستان ٺھڻ کان اڳ چونڊجي اسيمبلي ۾ ايندو رهيو، امير حيدر شاهه، امداد شاهه ۽ سيد جلال محمود شاهه اسيمبلي ۾ رھيو آھي پر 70ع وارين چونڊن ۾ سائين جي ايم سيد چونڊ ھارائي ويو. اھڙي طرح ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي به چونڊن ۾ ڪامياب نه ٿيو. ھن چيو ته سنڌ ۾ سياسي معاشي نظام جو مسئلو آهي. قومپرست سياست ٻن قسمن جي ھئي. ھڪ نج حب الوطني جي بنياد تي هئي جيڪا هڪ تحريڪ هئي. 70ع کانپوءِ نظرياتي بنيادن تي سنڌ ۾ قومپرست سياست شروع ٿي. ھن چيو ته ماڻھن جي ذھنن ۾ اھا ڳالھه وڌي وئي ته ووٽ جي سياست صرف وڏيري جو ڪم آھي. اسان 70ع کان 90ع تائين پارلياماني سياست کي رد ڪيو ۽ ووٽ جي سياست وڏيرو ڪندو رھيو. ھاڻ ماڻھو متحرڪ ٿي رھيا آھن. اميد آھي ته پارلياماني سياست ايندڙ وقت ۾ بهتر ٿيندي. هن چيو ته سنڌ ۾ پارلياماني سياست گذريل 75 سالن کان جاگيردارن جو سوشل ڪلب رهي آهي. اسان جو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو موقعي پرستي ڪري ٿو. اسان جنرل يحيٰ جي مارشل لا جا مزاحمتڪار آهيون، سنڌ کي صرف قادر مگسي، اياز لطيف ۽ جلال محمود شاھه تبديل نٿا ڪري سگھن. سادي اليڪشن جو خرچ به ھڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ٿي وڃي ٿو. سنڌ جو جاگيردار چونڊن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 25 کان 30 ڪروڙ خرچ ڪري ٿو، ايترو خرچ اسا نٿا ڪري سگھون، سنڌ جو اديب، دانشور، ڊاڪٽر، پروفيسر، انجنيئر، وڪيل ۽ صحافي چاھي ته اسان سنڌ ۾ ھڪ سئو کان وڌيڪ مضبوط اميدوار سامھون آڻي سگھون ٿا جنھن سان سڄي دنيا تائين پيغام پھچائي سگھون ٿا پر افسوس آھي ته سنڌ جي 130 سيٽن تي صرف اسان 3 ڄڻا بيٺا آهيون. ھن چيو ته سنڌ وطن سان محبت ڪندڙ ماڻهو پ پ جو حامي نٿو ٿي سگهي، مارشل لا جي دور ۾ سنڌ جي ماڻهن مزاحمت ڪئي، ڪوڙا کاڌا ۽ جيل ڪاٽيا، حڪومت هاڻ طريقا تبديل ڪيا آهن، ھٿ ٺوڪيا قانوني رستا جوڙيا ويا آهن. ھن چيو ته قومپرستن جا عوامي جدوجهد ۾ صرف ناڪاري پاسا کنيا ويندا آهن پر هاڪاري پاسن کي وساريو ويندو آهي. سنڌي مهاجر فساد، ڪالا باغ ڊيم، ٻٽو نظام ۽ سنڌ جي ٻيٽن سميت ٻيا ڪيترائي اهڙا قدم آهن جيڪي ماڻهن کي نه ٻڌايا ويندا ته ماڻهن ۾ اتساھ ڪيئن پيدا ٿيندو؟ ھن چيو ته ھن وقت سنڌ ۾ گورنر ۽ وڏو وزير غير سنڌي آهن پر ان حالت ۾ سنڌ جو شعور ڪٿي آهي؟ اسان پنهنجو رت ست وڪڻي 10 کان 15 هزار ماڻهو گڏ ڪري ڪراچي پھچندا آھيون ته وڏو خوش ٿيندا آهيون. سنڌ جي قومي سڏ ۾ هر ماڻهو کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ ٺيڪي تي ڏنل آهي، سنڌ ۾ حقيقي جمهوريت ناهي، دنيا ۾ ڪهڙو ملڪ آهي، جتي عورتن کي اڍائي کان 3 هزار انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا پنڻ تي مجبور ڪري ووٽ ورتو ويندو هجي، هن سسٽم ۾ صرف جمهوريت گم آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اقتدار جا فيصلا ميرٽ جي بدران ٻئي ڪنهن هنڌ ٿيندا آهن، ڀٽو صاحب پنهنجي اقتدار جي 5 کان 6 سال اڳ ڪنھن کي پيارو ھو؟ اھو تاريخ ٻڌائي ٿي. ھن چيو ته فيصلو ملڪ جي رياست ۽ پ پ ڪندا آهن، 18ع جي اليڪشن ۾ حڪومت تحريڪ انصاف کي ڏيڻي هئي، هاڻي حڪومت نواز ليگ کي ڏني پئي وڃي ان لاءِ پ پ کي سنڌ ۾ اقتدار ڏنو پيو وڃي، سنڌ جا ماڻهو ووٽ ڏيڻ نڪرن نٿا، جنھن ڏينھن سنڌ جا ماڻهو چئوڻ پنجوڻ تي نڪري اليڪشن جي بوٿن تي اچي بيهندا، ان ڏينهن ڌانڌلي جي سسٽم کي ختم ڪري ڇڏيندا. هن چيو ته اڳ ۾ چيو ويندو هو ته قومپرست گڏجي پون ته کير جون نديون وهي وينديون، هاڻ ڊاڪٽر قادر مگسي، جلال محمود شاهه ۽ اياز لطيف پليجو گڏجي پ پ خلاف ميدان ۾ بيٺل آهن، پر متبادل جون دانھون ڪندڙ سڀ گم آهن، انهن کي صرف بهانا کپن ٿا. هن چيو ته پنجاب انڊسٽريز جو حب آهي، هر شهر جي پنهنجي ڌار سڃاڻپ آهي، سنڌ ۾ ماڻهو مرن پيا، موچڙن جو زيپٽ آهي، اجمل ساوند، جان محمد مهر، فاطمه ڦرڙو ۽ ٻيا ماڻهو قتل پيا ٿين، سنڌ جي يونيورسٽين ۾ روايتي تعليم ڏني پئي وڃي. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن صرف تعزيت تي سڀ ٽپڙ وڪڻي ڇڏيا آهن، اهو پراڻين سوچن جو لاش مٿان لڳل آهي، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جو ماڻهو ائين نٿو ڪري، سنڌ جو ماڻهو صرف پ پ لاءِ ائين ڪري ٿو. هن چيو ته مائينڊ سيٽ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، نتيجو 8 فيبروري کانپوءِ نڪرندو، جنهن کانپوءِ سنڌ اسيمبلي توهان جا رهيل وسيلا به وڪرو ڪري ڇڏيندي.