ڄامشورو(رپورٽ: ميرمرتضيٰ نوحاڻي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران تعليمي سال 2025ع تحت بيچلر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ پھرين مرحلي ۾ انٽري ٽيسٽ ٿي گذري ٽيسٽ ۾ سنڌ جي مختلف 14 ضلعن دادو، گهوٽڪي، جيڪب آباد، ڪراچي ڊويزن، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، خيرپور ميرس، لاڙڪاڻو، مٽياري، نوشھرو فيروز سوڌو ٻين علائقن مان 1938 شاگردياڻين سميت مجموعي طور 9787 اميدوار ٽيسٽ ڏني، پنھنجي قسمت آزمائي، ٽيسٽ جي موقعي تي سيڪورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا پوليس رينجرز قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ يونيورسٽي جي سيڪيورٽي عملي پنھنجا فرض سرانجام ڏنا انهي موقعي تي صحافين کي بريفنگ ڏيندي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو،رجسٽرار مشتاق ڄاريڪو ۽ ٻين امتحانن جي منظم ۽ پرامن انعقاد کي بهترين حڪمت عمليءَ جو نتيجو قرار ڏنو ۽ چيو ته ٻن مرحلن ۾ ٽيسٽ وٺڻ سان اميدوارن جي وڏي انگ سبب ٿيندڙ مسئلن کان بچڻ ۾ مدد ملي ۽ خرچن کي به گهٽ رکيو ويو هن ٻڌايو ته هن سال اميدوارن جو انگ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي،جيڪو هن اداري ۾ فراهم ٿيندڙ تعليم جي معيار تي شاگردن ۽ سندن والدين جي اعتماد جو ثبوت آهي. هن چيو ته ٽيسٽ دوران اميدوارن کي مڪمل سهولتون فراهم ڪيون ويون،  هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ يونيورسٽي آف سنڌ تي ماڻهن هن واري اڃان وڌيڪ اعتماد ڪيو آهي هن سال شاگردياڻين جي تعداد ۾ به رڪارڊ اضافو ٿيو آهي اميدوارن کي ٽيسٽ دوران سيڪيورٽي سميت ٻيو سموريون سهولتون فراهم ڪيو ويون آهن وائس چانسلر جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽي معياري تعليم سميت سستي تعليم ڏئي رهي آهي جڏهن ته عورتن اميدوارن لاءِ انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪئمسٽري، انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر ۽ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين ۾ ڌار بلاڪ قائم ڪيا ويا هئا، جڏهن ته ميل اميدوارن کي فئڪلٽي آف آرٽس، ڊپارٽمينٽ آف ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز، ڊپارٽمينٽ آف زولاجي، ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪمسٽري ۽ فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ ويهاريو ويو هو ان دوران سنڌ يونيورسٽي مين ڪئمپس جو پرو وائيس پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو، پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي، پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو، پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، پروفيسر ڊاڪٽر آغا اسد نور، پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، پروفيسر ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو، پروفيسر ڊاڪٽر رابعه اسماء ميمڻ، پروفيسر ڊاڪٽر تانيا مشتاق، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر غلام شبير عباسي، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، ڊاڪٽر محمد عقيل ڀٽو، ڊاڪٽر علي نواز سيال، منور راڄڙ، ڊاڪٽر غلام ثاقب ٻرڙو ۽ ٻيا وائيس چانسلر سان گڏ هئا.