ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ گذريل ڏينهن تعليمي سال 2825ع تحت 37 ايم فل ۽ 32 پي ايڇ ڊي پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ انٽرنس ٽيسٽ ڪاميابيءَ سان منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ ڪل 901 اميدوارن داخلا لاءِ درخواستون ڏنيون، جن مان 768 اميدوارن مختلف ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامز جي داخلا ٽيسٽ ۾ حصو ورتو، جن مان 624 مرد ۽ عورت اميدوارن 37 ايم فل پروگرامز لاءِ مقابلو ڪيو، جن مان 225 مختلف شعبن ۾ داخلائن لاءِ پاس قرار ڏنا ويا، جڏھن ته ايم فل ۽ هي ايڇ ڊي پروگرامن جا 133 اميدوار غيرحاضر پڻ رھيا. ھائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي جنرل ايجوڪيشن پاليسي تحت ايم فل لاءِ پاسنگ مارڪون 50 ۽ پي ايچ ڊي لاءِ 60 مارڪون رکيل ھيون. سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو موجب ايم فل انگريزي لسانيات پروگرام ۾ 31 اميدوار 50 يا ان کان وڌيڪ نمبر کڻي ڪامياب ٿيا، جڏهن ته 29 اميدوار ايم فل اسلامي ڪلچر پروگرام ۾ داخلائن لاءِ اهل ثابت ٿيا. پي ايڇ ڊي جي 32 مختلف پروگرامز ۾ 144 اميدوارن ٽيسٽ ڏني، پر رڳو 21 اميدوار 60 يا ان کان وڌيڪ اسڪور کڻي ڪامياب ٿيا. ڊاڪٽر چانڊيو موجب فارميسي پريڪٽس پروگرام ۾ 7 اميدوار، نفسيات ۾ 4 ۽ انگريزي لسانيات ۾ 2 اميدوار ڪامياب ٿيا. ٽيسٽ مختلف امتحاني مرڪزن تي منعقد ڪئي وئي، جن ۾ انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس، ڪامرس، انسٽيٽيوٽ آف فزڪس، انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن، فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ فيڪلٽي آف فارميسي شامل هئا. ٽيسٽ صبح جو 10 لڳي 10 وڳي شروع ٿي ۽ ڏيڊ ڪلاڪ جاري رهڻ بعد 11:40 تي پڄاڻيءَ تي پهتي.  سنڌ يونيورسٽي جي ترجمان موجب ٽيسٽ ۾ شفاف ۽ بهتر انتظامن کي يقيني بڻايو ويو. ھوڏانھن وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس، ڪامرس ۽ فزڪس جي امتحاني مرڪزن جو دورو ڪيو. هن انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي عملي جي منصفاڻي ۽ شفاف طريقي سان ٽيسٽ وٺڻ جي ڪوششن کي ساراهيو.