حيدرآباد(بيورو رپورٽ)سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سنڌ يونيورسٽي ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽيءَ جي اليڪشن روڪڻ وارو نوٽيفڪيشن رد ڪري ڇڏيو، ساڳئي تاريخ تي اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آھي، سرڪٽ بئنچ ۾ جسٽس فيصل ڪمال عالم ۽ جسٽس خادم حسين سومرو تي مشتمل ڊويزنل ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ درخواست گذار منور ناريجو پنھنجي وڪيل اياز تنيو سميت عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز هائوسنگ سوسائٽي جي اليڪشن 17 تاريخ تي مقرر ٿيل ھئي بڻائيندڙ ان جون گھرجون پوريون ڪيون ويون ھيون اليڪشن جو پراسيس مڪمل ٿي ويو ھو، جنرل باڊي جي ميٽنگ ٿي، لسٽ فائنل ڪئي وئي شيڊيول جاري ٿي ويو ھو ڪالھ اوچتو رجسٽرار بنا سبب جي اليڪشن روڪڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ، ايڊمنسٽريٽر ھميشھ جيڪو به ايندو آھي پنھنجو ڪن ڪار ڪري ھليو ويندو آھي پر سوسائٽي کي بگاڙي ويندو آھي، اسان عدالت ۾ ان کي چئلينج ڪيو عدالت اھو آرڊر رد ڪري ڇڏيو آھي عدالتي ساڳئي تاريخ تي اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آھي.