ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽيءَ جي پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ 88هين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو، ملازمن جي تنظيم سيوا مداخلت ڪري ملازمن ۽ انتظاميا وچ ۾ ڳالهيون ڪرايون جيڪي ڪامياب ٿي ويون، ڳالهين ۾ ڪٽوتي ڪيل پگهار ايندڙ مهيني جي پگهار سان گڏ ڏيڻ، وردي الائونس 20 ڊسمبر تي ڏيڻ ۽ ڪمپيوٽر الائونس ڏيڻ جي خاطري تي احتجاجي تحريڪ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، سيوا صدر محمد علي گهانگهرو جو چوڻ هو ته ڳالهيون ڪامياب ٿيون آهن احتجاج ختم ڪيو ويو آهي.