ڄامشورو(رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاھ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وي سيءَ پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي مدي ۾ واڌ نه ڪئي آهي ۽ اضافي چارج في الحال ڀرواري ڪنھن به يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز ڊپارٽمينٽ پاران وڏي وزير کي صديق ڪلهوڙي جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ يا عھدي لاءِ اشتھار جاري ڪرڻ جي سمري پيش ڪئي وئي، جنھن تي وڏي وزير صديق ڪلھوڙو کي ٻئي مدي لاءِ وي سي مقرر ڪرڻ جي منظوري نه ڏني سنڌ يونيورسٽي جي وي سي جي عھدي لاءِ اشتھار ڏئي نئون وي سي مقرر ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آهي، ذريعي ٻڌايو آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي موجوده وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جو چئن سالن وارو مدو تقريبن ختم ٿي ويو،کيس 21 جنوري 2021ع تي مقرر ڪيو ويو ھو سنڌ يونيورسٽي جي وي سي جي اضافي چارج مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر طاحه حسين علي کي ملڻ جا امڪان آهن، ايندڙ 48 ڪلاڪن اندر سنڌ يونيورسٽي جي وي سي جي اضافي چارج ڀر واري يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر حوالي ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويندو.