حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ توھين عدالت جي درخواست تي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ رجسٽرار جا ضمانت ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، 25-25 ھزار رپيا ڏنڊ حڪم برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ جسٽس ارباب علي ھڪڙو ۽ رياضت ساھڙ تي مشتمل ڊويزنل بئنچ سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن نظير احمد عباسي ۽ فرخ حسين سميت 28 ملازمن جي توھين عدالت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته اسان جي اپگريڊيشن 16 مان 17 گريڊ ۾ ھئي، سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي ۽ رجسٽرار ڏيڍ سال سروس ماري ڇڏي آھي اسان ايڪس ڪيڊر آفيسر ھئاسين ھنن آئي ٽي ڪيڊر ڏئي ڇڏيو جيڪو غيرقانوني آھي اسان کي ڏيڍ سال جي سروس ڏئي ايڪس ڪيڊر بحال ڪيو وڃي. عدالت پاران طلب ڪرڻ باوجود رجسٽرار ۽ وائيس چانسلر عدالت ۾ پيش نه ٿيا، عدالت پاران ڪاوڙ جو اظھار عدالت ٻنھي جا ضمانت جوڳا وارنٽ جاري ڪندي ڄامشورو پوليس کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرائڻ جو حڪم ڏنو 17 اپريل تي عدالت وي سي ۽ رجسٽرار تي 25 -25 ھزار ڏنڊ پڻ وڌو ويو جنھن تي ٻنھي ڌرين مان ڪير به پيش نه ٿيو عدالت ساڳيو حڪم نامو بحال ڪري ڇڏيو عدالت ٻڌڻي 20 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي