سنڌ يونيورسٽي جو وي سي استادن تي مھربان، 23 ڄڻا عدالتي حڪمن جي ابتڙ انتظامي عهدن تي مقرر

0
19
سنڌ يونيورسٽي جو وي سي استادن تي مھربان، 23 ڄڻا عدالتي حڪمن جي ابتڙ انتظامي عهدن تي مقرر
سنڌ يونيورسٽي جو وي سي استادن تي مھربان، 23 ڄڻا عدالتي حڪمن جي ابتڙ انتظامي عهدن تي مقرر

ڄامشورو(رپورٽ:ميرمرتضي نوحاڻي) سنڌ يونيورسٽي جو وائس چانسلر استادن تي مھربان ٿيندي 23 استاد عدالتي حڪمن جي ابتڙ انتظامي عهدن تي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن خلاف ٻن آفيسرن طرفان وائس چانسلر کي انتظامي عهدن تي مقرر استادن کي هٽائڻ ۽ ڪارروائي جو مطالبو ڪندي خط لکي ڇڏيو، ان ڏس ۾  سنڌ يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو عدالتي حڪمن کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيو آهي يونيورسٽي ۾ اهم انتظامي عهدن تي آفيسرن بجائي استادن کي مقرر ڪيو ويو آهي جنھن تي آفيسرن ۾ شديد مايوس ڇانيل آهي. سنڌ يونيورسٽي جي ٻن آفيسرن سيد سجاد علي شاه ۽ علي احمد ٽالپر وائيس چانسلر کي خط لکي استادن کي انتظامي عهدن تان هٽائي ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انتظامي عهدن تي استادن جي مقرري ڪري، پروموشن سالن کان پروموشن رڪيل آهن. علي احمد ٽالپر گذريل 13 سالن کان 17 گريڊ ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهن سينيئر هجڻ جي لحاذ سان پروموشن ناهي ڏنو ويو جنھن جي وجا اتنظامي عهدن تي فيڪلٽي ميمبر ۽ پي ايڇ ڊي هولڊر ويٺا آهن. خط ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته انتظامي عهدن تي ويٺل لسٽ انتظاميا جي حوالي ڪئي وڃي ٿي، واضح رهي ته انتظامي عهدن تي مقرر استادن ۾ پروفيسر مشتاق ڄاريڪو رجسٽرار سنڌ يونيورسٽي اياز علي ڪيريو ڊائريڪٽر ايڊميشن،ڊاڪٽر يونس لغاري ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئرز،الطاف نظاماڻي ڊائريڪٽر ڪيو اي سي،ڊاڪٽر ذوالفقار انسپيڪٽر ڪاليجيز،صائما تبسم ايڊيشنل ڊائريڪٽر فنانس،صائما قيوم ميمڻ ڊائريڪٽر گريجوئيٽ اسٽڊيز،ناهيد آرائين پرووسٽ ماروي گرلز هاسٽل،پسند علي کوسو پرووسٽ بوائز هاسٽل،عقيل ڀٽو ڊائريڪٽر او آر آئي سي،رفيق لاشاري ڊائريڪٽر اسٽيٽ،علي نواز سيال چيئرمين ڪالوني،سنوبر شيخ بيرو آف اسٽيجز،ثاقب ٻرڙو ڊائريڪٽر سيڪيورٽي ڪئمپس،آفتاب چانڊيو ڊائريڪٽر ٽيسٽنگ سينٽر،شاهد لاڙڪ ڪنٽرولر اگزيمنيشن سميت ٻيا شامل آهن جيڪي يونيورسٽي جي اهم انتظامي عهدن تي مقرر ٿيل آهن.