سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن مٿان تشدد ۽ ڪيس داخل ڪرڻ تي ايس ايس پي کي ٺاهوڪي ڇنڊ

0
24

سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ حيدرآباد جي سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ايس ايس پي ڄامشوري کي ڇنڊ، ايس ايس پي ڄامشورو چيو ته شاگردن احتجاج دوران پوليس موبائل کي ساڙيو، سرڪار کي نقصان ڏنو ته دھشتگردي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي، عدالت چيو ته پھريان شروعات اوھان ڪئي، شاگردن تي لاٺي چارج ڪرڻ کانپوءِ رد عمل آيو، ذميوار شاگرد ناھن، عدالت چيو ته اصل دھشتگردي لاھور، بلوچستان ، ڪي پي ڪي ۽ ڪچي ٿي رھي آھي، اھي دھشتگرد آزاد پيا گهمن، باقي شاگردن کي اوھان ھٿ سان دھشتگرد قرار ڏئي کين باغي پيا بڻايو، عدالت ايندڙ ايس ايس پي ڄامشوري کي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي