ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ وومين لائرز الائنس پاران اڄ سنڌ ناري ڏھاڙو ملھايو ويندو، ان ڏس ۾ڪراچي پريس ڪلب ۾ ناري ڏھاڙي جا مختلف سيشن، ٿيٽر ۽ محفل موسيقي ٿيندي ، الائنس جي سربراهه شازيا نظاماڻي جو چوڻ  هو ته عورتن تي ٿيندڙ گھريلو تشدد، عورتن جي قتلام وارن واقعن تي گفتگو ٿيندي، ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر واقعي تي پڻ سيشن ٿيندو،  مختلف سيشنن ۾ سي ايم آءِ سي جي سربراھ ڊاڪٽر شيرين ناريجو ، روبينا چانڊيو،  ايم پي اي ياسمين شاھه ،وڪيل فخر امام،  فھميده رياض ۽ ٻيا ويچار ونڊيندا جڏهن ته پنهنجي شعبي ۾ پاڻ مڃائيندڙ عورتن کي  مائي جندو ايوارڊ ڏنا ويندا.