حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ وومين ايگريڪلچر ايڪٽ 2019ع تي عملدرآمد نه ٿي سگھيو آهي، جنهن ڪري ڪپھه جي چونڊائي ڪندڙ 10 لک کان وڌيڪ پورھيت عورتون گھٽ ۾ گھٽ 37 ھزار کان 45 ھزار مقرر ٿيل اجرت سميت ٻيون مراعتون ملڻ کان محروم آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته ايڪٽ پاس ٿيڻ بعد ان جا رولز به نه ٺھي سگھيا آهن. ان سلسلي ۾ پورهيت عورتن جي حقن لاء جاکوڙيندڙ سماجي تنظيم سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن جي اڳواڻ جاويد سوز ھالائي، ھاري اڳواڻ ڪامريڊ تاج مري، ايچ آر سي پي جي اڳواڻ غفرانه آرائين، ايگريڪلچر وومين يونين جي اڳواڻ زبيده ماڇي ۽ صدوري آھپن سان گڏ ڪالھه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پورھتن جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ مٽياري، سانگھڙ، نوابشاھ، ميپورخاص، ٽنڊو الھيار، ٽنڊو محمد خان، عمرڪوٽ، خيرپور ميرس، نوشھروفيروز سميت ٻين ضلعن ۾ ڪپھه جي چونڊائي ڪندڙ 10 لک کان وڌيڪ پورھيت عورتون ڪم ڪن ٿيون. ھن چيو ته صرف مٽياري ضلعي ۾ 50 ھزار ۽ سانگھڙ ضلعي ۾ 4 لک 93 ھزار کان وڌيڪ مزدور عورتون ڪپھه جي چونڊائي ڪن ٿيون. جيڪي سنڌ ايگريڪلچر ايڪٽ پاس ٿيڻ باوجود به اجرت سميت ٻيون مراعتون، تعليم ۽ صحت جون بنيادي سهولتون نه ملڻ سبب ڏکائين کي منھن ڏئي رھيون آھن. ھن چيو ته سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ نان ٽيڪنيڪل مزدورن جي گھٽ ۾ گھٽ اجرت 37 ھزار رپيا ۽ ٽيڪنيڪل مزدورن جي اجرت 45 ھزار رپيا ماھوار مقرر ڪئي آھي. جيڪا ڪپھ جي چونڊائي ڪندڙ عورتن کي نه ملي رھي آھي. ھن چيو ته ھڪ عورت کي سڄو ڏينھن ڪپھه جو ھڪ مڻ چونڊو ڪرڻ ۾ لڳي وڃي. ڪپھه جي چونڊائي ٽيڪنيڪل ڪم آھي. ان ڪري عورتن کي ڏھاڙي مزدوري 15 سئو رپيا ۽ ماھوار 45 ھزار رپيا اجرت ملڻ گھرجي. ھن وقت ڪپھه جي چونڊائي ڪندڙ عورتن کي ماھوار وڏي مشڪل سان 20 کان 25 ھزار رپيا اجرت ملي ٿي. ھن چيو ته سنڌ جو محنت کاتي وارو کاتو موثر نظام نه ھجڻ سبب ڪپھه جي چونڊ جي موسم ۾ عورتن جو استحصال عام ٿي رھيو آھي. ماحولياتي تبديلين سبب پورھيت عورتن جي مسئلن ۽ مشڪلاتن ۾ پڻ اضافو ٿيو آھي. ٻنين مان وڻڪاري واڍي، گرمي پد وڌڻ سبب عورتن صحت جي شديد مسئلن کي منھن ڏئي رھيون آھن. ھن چيو ته سنڌ ايگريڪلچر ايڪٽ عورت مزدورن کي برابر اجرت، ڳورھاري ٿيڻ وقت موڪل، طبي سهولتن تائين رسائي، ٻار کي کير پيارڻ جو حق، فيصلا سازي ۾ شراڪت ۽ سماجي تحفظ يا حق ملڻ شامل ٿيل آھن. پر انھن مان ڪوبه بنيادي حق نه ملي رھيو آھي. ھن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ايگريڪلچر ايڪٽ تي عمل ڪري عورت مزدورن کي گھٽ ۾ گھٽ مقرر ٿيل اجرت سميت ٻيون سموريون مراعتون ۽ بنيادي حق فراھم ڪيون وڃن.