حيدرآباد (بيورو رپورٽ) اينٽي ڪرپشن جي خاص عدالت ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ 73 ڪروڙ 75 لک رپين جي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. اڳوڻو وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت، رجسٽرار ۽ پرووائيس چانسلر عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت 13 روپوش جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اينٽي ڪرپشن جي خاص عدالت جي اسپيشل جج سيد خليل احمد جعفري جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي. ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت ۾ عبوري ضمانت حاصل ڪندڙ لڳ ڀڳ 50 جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. اڳوڻو پيٽرول ۽ سي اين جي مئنيجر فھيم مغل، نسرين عبدالله ميمڻ، شھناز بلوچ، ايم ايس اعواتي ٽريڊرس ڪراچي، ايم ايس ڪيميڪل ھائوس ڪراچي، ايم ايس گلوبل مارڪيٽنگ سروس ڪراچي، ايم ايس ڪي ايڇ بي انٽرنيشنل لاھور، ايم ايس مظھر انٽر پرائيز ڪراچي، ايم ايس بشير احمد ابڙو، ايم ايس عبدالوحيد اينڊ برادرس، ايم ايس تاجل الدين بلڊرس، ايم ايس، اي ڪي ايم انٽرپرائيز، ايم ايس گل ٽريڊرس ڪراچي ڪيس ۾ 2020ع کان روپوش آھن. اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر کان عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوھان جي ڇا ڪارڪردگي آھي. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته اسان نوٽيس ڏنا آھن پر جوابدار ڪو متبادل جواب نٿا ڏين. عدالت حڪم ڏيندي چيو ته اينٽي ڪرپشن ڄامشورو جو جاچ آفيسر 13 روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪري. اينٽي ڪرپشن ڄامشورو پوليس سنڌ يونيورسٽي ۾ مبينا 73 ڪروڙ 75 لک رپين جي ڪرپشن جو ڪيس اڳوڻي وائيس چانسلر سميت 68 جوابدارن خلاف داخل ڪيو هو جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ استاد آفيسر ۽ ٺيڪيدارن جي عبوري ضمانت ۾ 28 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.