حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي زمين ۾ خرد برد واري ڪيس ۾ سزا ٻڌايل اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر ۽ ڊي جي سميت 19 جوابدارن کي آيل سزا وارو فيصلو عارضي طور معطل ڪري جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. احتساب عدالت 27 جنوري تي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر برڪت جوڻيجو کي 7 سال قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جڏهن ته اڳوڻي ڊي جي سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي اصغر عباس کي 5 سال قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. اهڙي ريت احتساب عدالت فائدو حاصل ڪندڙ جوابدارن نظر محمد، حيدر علي، مير شاهه، عبدالرحيم، محب علي، الهڏنو، غلام محمد، علي انور، محمد خان، لياقت علي، عبداللطيف، اياز حسين، فرياد حسين، حيات، عامر ۽ نظر کي 3-3 سال قيد ۽ 2-2 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. جوابدارن پنهنجي وڪيلن عشرت علي لوهر، سجاد احمد چانڊيو، رياضت علي سيهڙ معرفت سزا خلاف عدالت ۾ اپيلون داخل ڪرايون هيون. جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس سليم جيسر تي مشتمل ڊويزن بئنچ ٻڌڻي ڪئي. درخواست گذارن جي وڪيل چيو ته احتساب عدالت جوابدارن کي لي آئوٽ پلان تبديل ڪري فلاحي پلاٽ وڪرو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سزا ڏني آهي پر نيب پاران لي آئوٽ پلان توڙي فلاحي پلاٽن جا ثبوت نه ڏنا ويا هئا. بنا ثبوتن جي شڪ جي بيناد تي جوابدارن کي سزا نٿي ٻڌائي سگهجي. عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر برڪت علي جوڻيجو جي 5 لک مچلڪن ۽ اڳوڻي ڊي جي اصغر عباس جي 5 لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي جڏهن ته عدالت فائدو حاصل ڪندڙ جوابدارن فرياد حسين، نظر محمد سميت ٻين جوابدارن کي 2-2 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي سندن ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته نيب 2015ع ۾ جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪيو هو جنهن ۾ نيب ڄاڻايو هو ته جوابدارن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو هائوسنگ سوسائٽي جي سوا 3 ايڪڙ زمين خرد برد ڪري من پسند ماڻهن کي ڀڳڙن مٺ عيوض پلاٽ وڪرو ڪري ڇڏيا آهن.