حيدرآباد (بيورو رپورٽ) نسيم نگر ٿاڻي جي پوليس سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد  ابرار احمد جي گهران لکين رپيا روڪ رقم ۽ سونا زيور چوري ڪندڙ سندس ملازم کي گرفتار ڪري رقم ۽ سونا زيور هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايس ايڇ او نسيم نگر وحيد پنهور موجب  گرفتار جوابدار رمضان سولنگي متاثر شاگرد جي گهر ۾ ملازمت ڪري ٿو جنهن کي سي سي ٽي وي فٽيجز جي آڌار تي سڃاڻپ بعد گرفتار ڪري روڪ رقم ۽ ڪجهه سونا زيور هٿ ڪيا آهن. جوابدار وٽان 11 لک رپين جو سامان هٿ ڪيو آهي .