ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي جي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪشن شعبي جي ھڪ ٻي استاد کي به وي سي پاران ترقين ۾ نظرانداز ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، ان ڏس ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪشن اسٽڊيز شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر شازيه شيخ وي سي خلاف يونيورسٽيز اينڊ بورڊ واري کاتي کي شڪايت ڪري ڇڏي آھي، ڊاڪٽر شازيه موجب يونيورسٽي جو وي سي اعليٰ تعليم يافته استادن کي نظرانداز ڪري گھٽ تعليم وارن کي ترقيون ڏنيون ويون آھن ، انهي معاملي جي انڪوائري ڪرائي وڃي، هوڏانهن يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي ڊاڪٽر شازيه شيخ جي شڪايت تي سنڌ يونيورسٽي جي وي سي کان جواب طلب ڪري ورتو