ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران رهائشي ڪالونين کي  هڪ سال ۾ 3 ڪروڙن 20 لک رپين جي مفت بجلي فراهم ڪرڻ جو انڪشاف، يونيورسٽي انتظاميا پاران سيڪيورٽي ادارن کي 60 هزار لٽر پيٽرول ڏيڻ جو اعتراف، ڪالهه پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت هيٺ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي آڊٽ اعتراضن بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مالي سال 2010_11ع جي حسابن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس دوران پي اي سي ميمبر قاسم سراج سومرو ۽ وي سي صديق ڪلهوڙو وچ ۾ ڏند چڪ به ٿي وائيس چانسلر صديق ڪلهوڙو چيو ته سال 2010ع دوران يونيورسٽي ملازمن کي فڪسڊ رقم جي بنياد تي بجلي ملندي هئي، جنهن تي پي اي سي ميمبر قاسم سراج سومرو چيو ته اوهان ڪهڙي قانون تحت  ملازمن کي فڪسڊ اگهه تي بجلي فراهم ڪري سگهو ٿا؟ انهي تان ٻنهي وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي. وائيس چانسلر چيو ته آئون 2021ع ۾ وي سي ٿيو آهيان، مون اچڻ  شرط ڪالوني جي سمورن گهرن ۽ هاسٽلن ۾ ميٽر لڳرايا، جنهن تي قاسم سراج چيو ته وائيس چانسلر کي مفت بجلي فراهم ڪرڻ جا اختيار ئي ناهن، جنهن تي وائيس چانسلر چيو ته سمورا فيصلا سينڊيڪيٽ جي منظوري سان ڪيا ويا آهن. جنهن تي پي اي سي ميمبر چيو ته سينڊيڪيٽ به قانون کان مٿانهان فيصلا نه ٿو ڪري سگهي. ان موقعي تي يونيورسٽي انتظاميا پي اي سي اجلاس کي ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽيءَ سيڪيورٽي ادارن کي 60 هزار ليٽر پيٽرول فراهم ڪيو. پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي مادرعلمي کي 15 ڏينهن اندر ريڪارڊ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.