سنڌ ورسٽي جي بجيٽ پيش، 88.8 ڪروڙ خسارو: 9.2 ارب شاگردن کان اوڳاڙڻ جو ارادو، خاص گرانٽ به طلب

0
17
سنڌ ورسٽي جي بجيٽ پيش، 88.8 ڪروڙ خسارو: 9.2 ارب شاگردن کان اوڳاڙڻ جو ارادو، خاص گرانٽ به طلب
سنڌ ورسٽي جي بجيٽ پيش، 88.8 ڪروڙ خسارو: 9.2 ارب شاگردن کان اوڳاڙڻ جو ارادو، خاص گرانٽ به طلب

ڄامشورو(رپورٽ: ميرمرتضيٰ نوحاڻي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ مالي سال 2024-25 لاءِ سالياني 9.236 ارب رپين واري بجيٽ پيش ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ 888.465 ملين (88.8 ڪروڙ) رپين جو خسارو ڏيکاريو ويو آهي. سالياني بجيٽ ۽ گذريل مالي سال لاءِ ترميم ٿيل تخمينن کي يونيورسٽي جي سينيٽ جي 37هين اجلاس دوران پيش ڪيو ويو، جنهن جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي ڪئي. مالي سال 2024-25 لاءِ آمدني جو تخمينو 8.592 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ حڪومت کان 2.964 ارب، هائير ايجوڪيشن ڪميشن کان 1.823 ارب، شاگردن کان في مان 2.902 ارب، سيڙپڪاري ۽ بئنڪ بيلنسز مان 200 ملين ۽ ٻين ذريعن مان 702 ملين رپيا شامل آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 5.103 ارب رپيا پگهارن تي، 2.138 ارب رپيا رٽائرمينٽ ۽ پينشن جي فائدن تي، جڏهن ته 1.994 ارب رپيا غير پگهاري مدن تي خرچ ڪرڻا آهن. في شاگرد خرچ 207,364 رپيا آهي، جڏهن ته في شاگرد آمدني رڳو 192,914 رپيا آهي. سينيٽ کي آگاهه ڪيو ويو ته شاگردن جي مجموعي داخلا 44,542 ٿي چڪي آهي، جيڪا گذريل سال جي 38,730 جي مقابلي ۾ واڌ ڏيکاري ٿي. يونيورسٽي ۾ هن وقت 239 اڪيڊمڪ پروگرامز هلن پيا، جن ۾ انڊرگريجوئيٽ، پوسٽ گريجوئيٽ، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي سطح جا پروگرام شامل آهن. انگن اکرن موجب سنڌ يونيورسٽي 9 فئڪلٽين هيٺ 56 تعليمي شعبا هلائي رهي آهي ۽ يونيورسٽي وٽ 5 اضافي ڪيمپسز آهن. شاگردن جي فيسن مان آمدني وڌڻ باوجود خرچن جو وڏو حصو اڃا به ملازمن سان لاڳاپيل مدن تي خرچ ٿئي ٿو. يونيورسٽي اڃا تائين اسٽاف جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، جتي 1,062 منظور شده تدريسي پوسٽن مان صرف 561 ڀريل آهن، جڏهن ته 3,446 انتظامي پوسٽن مان 2,069 تي ڀرتيون ٿيل آهن. بجيٽ خساري تي ضابطو آڻڻ لاءِ يونيورسٽي هڪ خاص منصوبو تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ چار نوان بي ايس پروگرام متعارف ڪرائڻ شامل آهن، جيڪي 77 ملين رپين جي آمدني ڏيندا. ان سان گڏ خرچ گهٽائڻ لاءِ ڪفائتي قدم کنيا ويا آهن، جيڪي 200 ملين بچت جو سبب بڻجڻ جي اميد آهي. جڏهن ته يونيورسٽي شمسي توانائي (سولرائزيشن) منصوبو به تيار ڪيو آهي، جيڪو بجلي جي خرچن کي 100 ملين رپين تائين گهٽائيندو. ان کان علاوه سنڌ يونيورسٽي غير روايتي آمدني جا ذريعا ڳولڻ لاءِ ڪاروباري منصوبا تيار ڪري رهي آهي ۽ شاگردن جي واجبن، هاسٽلن جي فيسن ۽ ڪمرشل ڪراين جي وصولين کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. يونيورسٽي جي قيادت سنڌ حڪومت ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد کان 511 ملين رپين جي خاص گرانٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي ته جيئن مالي خساري کي پورو ڪري تعليمي ۽ انتظامي سرگرمين کي جاري رکيو وڃي. سينيٽ جي اجلاس دوران 12 ايجنڊا اسمن تي به غور ڪيو ويو، جن ۾ سالياني ڪارڪردگي رپورٽ، بجيٽ جي منظوري، بي ايس جي نون پروگرامز جي منظوري (خاص طور فئڪلٽي آف بزنس اينڊ ڪامرس) ۽ الڳ ڪئڊر ملازمن جون ترقيون شامل هيون. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو تہ شاگردن جي وڌندڙ داخلا، اڪيڊمڪ وسعت ۽ مالي گهرجن جي وڌندڙ دٻاءَ باوجود، سنڌ يونيورسٽي پنهنجي تعليمي خدمتن کي جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ مالي سهڪار لاءِ لاڳاپيل اختيارين کان فوري مدد جي طلبگار آهي.