ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي انتظاميا شاگردن کي لطيف ڊي تقريب ڪرڻ کان روڪي ورتو آهي، انتظاميا طرفان تقريب لاءِ بجلي به بند ڪئي وئي آهي، جنهن خلاف شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ،  سنڌ يونيورسٽي جي سي سي لان ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي شاگرد ونگ ستاف طرفان لطيف ڊي جلسو رٿيل ھو، جنھن سلسلي ۾ شاگرد جلسي لاءِ ڊيڪوريشن جو سامان کڻي يونيورسٽي وڃي رھيا ھئا ته سنڌ يونيورسٽي علامه آءِ آءِ قاضي چوڪ وٽ سيڪيورٽي عملي جلسو نه ڪرڻ جو جواز ڄاڻائي شاگردن کي مٿي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، جتي شاگرد ۽ ايس ٽي پي جا مقامي اڳواڻ پھچي سخت احتجاج ڪرڻ بعد سيڪيورٽي رڪاوٽون ٽوڙي اڳتي وڌيا، جتي پوليس جي وڏي نفري کين زيرو پوائنٽ وٽ روڪي ڇڏيو ۽ مٿي يونيورسٽي جي بجلي انتظاميا بند ڪري اونداھي ڪرائي ڇڏي، اتي ئي شاگردن احتجاجي ڌرڻو ھڻي سنڌ يونيورسٽي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، ڊاڪٽر احمد نوناري، سرواڻ مگسي، امتياز سمون، ڄام مھدي رضا سھتو، ڊاڪٽر صفدر سومرو، ساگر عالماڻي، شبير جوڻيجو، راجا ڏاھاڻي، ستاف اڳواڻ سرمد نوحاڻي، اسلم نوحاڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي ڪئنال ٺاھيا پيا وڃن، اتي ايس ٽي پي سنڌ ۾ ھڪ وڏي منظم تحريڪ ھلائي رھي آھي، ان تحريڪ ۾ شاگردن کي حصو وٺرائڻ ۽ سنڌ جو وڌيڪ ڪيس مضبوط بڻائڻ لاءِ سنڌ جي نوجوان شاگردن کي دعوت ڏيڻ ۽ انھن ۾ شعوري سجاڳي لاءِ اسان سنڌ جي سرموڙ شاعر شاھ لطيف جي نالي سان لطيف ڊي ملھائڻ جي تقريب منعقد ڪري رهيا هئاسين، اسان ھڪ مھيني کان تياري ڪري رھيا ھئا سين، انتظاميا نه روڪيو جڏھن شاگردن پنڊال ٺاھڻ لاءِ سامان کڻي آيا ان وقت انتظاميا شاگردن کي پروگرام کان روڪيو آھي، اھا ھڪ سازشي ونگار آھي، اسان جلد وري تقريب ڪرڻ جو اعلان ڪنداسين، شاگرد مايوس نه ٿين.