حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ جي تباهي جي ذميوار پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت آهي. سنڌ ۾ ھٿرادو غربت ۽ بدحالي مسلط ڪئي وئي آھي. پيپلزپارٽي ڪرپشن ڪم ۽ اقتدار لاءِ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ۽ وسيلا ڏئي ڇڏيا آھن. سنڌ جا ماڻھو پنھنجي زمينن ۽ وسيلن جي مالڪي لاءِ جدوجھد جي تياري ڪن. پيپلزپارٽي اقتدار لاءِ ھر سودو ڪرڻ لاءِ تيار آھي ان ڪري چوٿون ڀيرو اقتدار تي مسلط ڪيو ويو آھي. سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آھي. روزگار ناھي. بک، بدحالي ۽ بيروزگاري آھي. جھالت ۽ لاقانونيت آھي. سنڌ جا ماڻھو عوام دشمن نظام مان بيزار آھن. هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌ ڌاڙيل راڄ، غربت، بدامني، ڪرپشن ۽ بيروزگاري جي گھيري ۾ آھي. سنڌ حڪومت امن امان ۽ ڪوڙن مقابلن کي روڪڻ لاءِ ڌاڙيلن لاءِ عام معافي جو اعلان ڪري ته جيئن ڏوھن ۾ ملوث ماڻھو پوليس وٽ پيش ٿين. سنگين ڏوھن ۾ ملوث ڏوھارين کي 10 سال سزا ڏني وڃي ته جيئن اھي واپس اچي پنھنجي آھي زندگي گذاري سگھن. ٻئي طرف قومي عوامي تحريڪ پاران 24 نومبر تي ٽنڊو محمد خان شهر ۾ درياءَ بچايو سنڌ بچايو جي عنوان هيٺ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.