ملير (رپورٽ: ناز شر) صدر آصف علي زرداري جي نياڻي ۽ خاتون اول آصفه ڀٽو گلوبل حب اسڪول اينڊ ڪيڊٽ ڪاليج  پهچي شهيد بينظير ڀٽو بلاڪ جو  افتتاح ڪري ڇڏيو،  تقريب کي خطاب ڪندي تعليم واري وزير تعليم سردار شاهه چيو ته سنڌ جي سڀني وڏن اسڪولن لاءِ سمجهيو ويندو آهي ته اهي انگريزن قائم ڪيا، حقيقت اها اهي ته اهي سڀ اسڪول اسان جي بزرگن جا قائم ڪيل آهن، هن چيو ته سنڌ سرڪار نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ۾ 2 گرلز ڪيڊٽ ڪاليج قائم ڪيا آهن، معاشري جي ماڻهن کي اڳتي اچي تعليم ادارن جي مالڪي ڪرڻ گهرجي، تقريب کي خطاب ڪندي صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو چيو ته هتان جون شاگردياڻيون ملڪ جي ترقي لاءِ مشعل راهه ثابت ٿينديون، هن چيو ته عورتون سياسي به آهن ته ڪاروباري به آهن، جيڪي مردن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هلن ٿيون، اسان جي خاندان جون سڀ عورتون ورڪنگ وومين آهن، اسان وٽ ڇوڪرن يا ڇوڪرين ۾ ڪو فرق ناهي، انهي کان اڳ آصفه ڀٽو  کي شاگردياڻين پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.