لاهور (م ڊ) پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته سنڌ واسين سان الاءِ ڇا مسئلو آهي؟ بيانن تي چڙي پون ٿا، پاڻي مسئلو احتجاج، جلسن، جلوسن ۽ تقريرن سان حل نه ٿيندو، پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته منهنجي هڪ جملي سان سنڌ وارن کي گھڻي تڪليف ٿيندي آهي، قومي مفاد جي ڳالهه ٿيندي آهي ته هو احتجاج تي هليا ويندا آهن، عظميٰ بخاري چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ڀائر آهن، گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، مسئلو احتجاج يا تقريرن سان حل نه ٿيندو، سنڌ حڪومت پنهنجي ادائن تي غور ڪري، الله تعاليٰ نون ليگ کي قوم جي مفاد جو ڪم سونپيو آهي