سنڌ واسين جو عيد تي ڪئنالن خلاف احتجاج، ريليون، مظاهرا، ڌرڻا، ڌرتي ڌياڻين جون ميندي سان “نومور ڪئنال” لکي ايڪتا جو اظهار

0
33
سنڌ واسين جو عيد تي ڪئنالن خلاف احتجاج، ريليون، مظاهرا، ڌرڻا، ڌرتي ڌياڻين جون ميندي سان “نومور ڪئنال” لکي ايڪتا جو اظهار
سنڌ واسين جو عيد تي ڪئنالن خلاف احتجاج، ريليون، مظاهرا، ڌرڻا، ڌرتي ڌياڻين جون ميندي سان “نومور ڪئنال” لکي ايڪتا جو اظهار

ڪراچي (نمائندن وٽان ) سنڌ واسين جي عيد به احتجاج ۾ گذري، ڪئنالن خلاف ڌرتي ڌڻين جون ريليون، مظاهرا، ڌرڻا،حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران زينت سمون،نصرت خاصخيلي، نذير بليدي، بابو ميمڻ جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،هوڏانهن عوامي تحريڪ جي سڏ تي عبدالحئي ڀٽو ، علي رضا جلباڻي، علي احمد ٽالپر ، ايشور رٻاري، سرمد موريو، جنيد سومرو، ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ريلي ڪڍي وئي،سکر ۾ ينگ لائرز فورم پاران آغا صورت، ياور عباس، ستار زنڱيجو، معراج ڊومڪي، شاھنواز صديقي، عادل دايو، باغي نويد، ذوالفقار منڱريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،ميرپورخاص ۾ عبدالسلام ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو،  عمرڪوٽ ۾ برھان ڪنڀر جي اڳواڻي ۾  سورج پارڪ کان مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي بدين ۾ درياھ بچايو ڪاميٽي پاران  شاهنواز چوڪ بدين تي انوکو احتجاج ڪندي رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ۽ پاڻي بند ڪري ڍنڍون ڍورا سڪڻ بعد مڇي جي حالت زار ۽ ماھيگيرن جو روزگار ختم ٿي وڃڻ جي عڪاسي ڪئي وئي. بعد ۾ مھاڻن شاھنواز چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ايوان صحافت بدين جي سامهون ڌرڻو هڻي بدين ڪراچي مين روڊ مڪمل بند ڪري ڇڏيو. انھي موقعي تي اڳواڻن بدين جي نالي پروفيسر ڊاڪٽر طفيل چانڊيو، ارباب احسان، شاھنواز سيال، امير حسن آزاد، پروفيسر عبدالله ملاح ۽ ٻين خطاب ڪيوٺٽي جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ڳوٺاڻن، ھارين، آبادگارن، ٻارڙن ۽ سياسي ڪارڪن پاران احتجاجي مظاھرا ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي آھي،دادو ۾ عيدالفطر ڏهاڙي تي جست ، جسقم ۽ سنڌ سڀا جي سڏ تي انعام سنڌي ، ظفر ڪوريجو ۽ نياز حسين چنو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو،ڪنڌڪوٽ ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي ريلي ڪڍي سجاد بروھي، شعيب ڊومڪي، رحمت الله،موھن لال، دلمراد ڏاھاڻي، اڪرم باجڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. پٿورو تعلقي  جي  پٿورو،شاڌي پلي، غلانبي شاهه  سميت ننڍن وڏن شھرن م  ريليون ڪڍيون ويون  ڊگھڙي ۾ محمدي چوڪ کان پريس ڪلب تائين مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي، ڪوٽڙيءَ ۾قاري وزير،خالد لاشاري، لطيف ڀٽي، مرتضيٰ رند، اعجاز سومرو، امداد پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي تلهار ۾  آبادگارن ، ھارين ، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ڳوٺاڻن پاران احتجاج ڪيو ويو،  ٽنڊوباگو،گھارو، ۾ به احتجاج ڪيا ڪيا، ڦلجي ۾ جسقم جي سڏ تي منصورجمالي ، رياض پنھو ،نياز چنا ،امام الدين پنھور,سجاد پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،غلام شاھ موري ۾ سياسي ۽ سماجي ماڻهن پاران سنڌو دريا مان 6 غير قانوني ڪينال ڪڍڻ خلاف بينظير چوڪ کان   احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ، راڻيپور ۾ تحريڪ عشق مصطفيٰ پاران درگاهه غوثيا دستگير جي مريدن، عقيتمندن ۽ شهرين آصف علي شاھ، ڪرم علي شاھ، شوڪت گھانگھرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، خانپورمهر ۾ آل پاڪستان گڏاڻي اتحاد پاران عبدالله گڏاڻي، قلندر بخش گڏاڻي، محمد هاشم گڏاڻي، عبدالجبار گڏاڻي، سردار ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ڪنڊيارو ۾ درياهه بچايو ڪاميٽي طرفان شهر جي مک اسٽار چوڪ تي مولانا حسين عباسي، شرف الدين اڄڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيمپ قائم ڪري احتجاج ڪيو ويو، ڪوٽ لالو ۾ هاري ڪاميٽي جي سڏ تي مصطفي حسن بگهڙ، لطف علي، يامين چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو،،فيض گنج ۾ جسقم پاران عوامي عدالت ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ 10 اپريل کان 20 اپريل تائين ڪراچي پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو،ٽنڊوآدم ۾ جسقم، عوامي تحريڪ، ايس يو پي، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ پاڪ تحريڪ سميت ڌرتي ڌَڻين شبير ڪوريجو، شاهجهان جوڻيجو، عقيل ماڪوڙاڻي، ڪامريڊ محمد خان پنهور، اخلاق ورياھ، باغي مجاهد ٿهيم، ارشاد بروهي، ساگر ڏهراج،  جانڻ سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي،پڊعيدن ۾ راڄپر تنظيم، عوامي تحريڪ، جساف، جسقم، پ پ شھيد ڀٽو، ايڪشن ڪاميٽي، پي ٽي آءِ، شھرين شفيق ميان راڄپر، حاجي عبدالرحمان راڄپر سھيل پلھه، رفيق راڄپر، زبير راڄپر، عبدالسلام سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،شهدادپور ۾ جسقم جي سڏ تي شريف ڪلهوڙو، ايس ڪي ڳاھو، وقار لغاري ۽ حبيب ڪلوئي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو،دولتپور صفن ۾ شاگردن پاران زبير آزاد سولنگي، سعيد امان پلي، علي رضا پلي، منصور سليم انڙ ۽ اسلم سنڌي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،  نيوسعيدآباد جي بکرجمالي ۾ جسقم، سول سوسائٽي،  نوجوان اتحاد شھري اتحاد جي يو آئي جي ڪارڪنن ڪينالن خلاف بک ھڙتال ڪيمپ قائم ڪري سخت نعري بازي ڪئي، جنهن جي اڳواڻي عبدالشڪور جمالي نعيم، منور ديشي ۽ ٻين ڪئي،اڏيرو لال اسٽيشن  ۾ جمعيت علماءَ اسلام امير حاجي سارنگ منگواڻو جي اڳواڻي ۾  ڪئنالن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،سنجرچانگ ۾ پي ٽي آئي ، سنڌي عوامي فورم،  پي پي شهيد ڀٽو، جيئي سنڌ  ۽ ٻين سياسي سماجي پارٽين جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ اسلم لغاري ، ڊاڪٽر حسن لغاري، ڊاڪٽر انور، امرشي ٺاڪر، ستار جروار ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي بلڙي شاھ ڪريم ۾ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي والار ، چولستان 6 ڪئنال رٿائن ، خلاف جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سربراھ نواز خان زئنور، حاجي قادر بخش زئنور جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي حيدرآباد سجاول ڌرڻو هنيو ويو، ميهڙ ۾ تڪراري ڪئنال ۽ سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ خلاف عيد جي ٻئي ڏينھن تي به قومي عوامي تحريڪ ميھڙ پاران احتجاجي مظاھرو ڪري ٻيٽو جتوئي کان گھنٽا گھر چوڪ ۽ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ تائين 6 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو ، هالا ۾ هيومن رائيٽس پروٽيڪشن اينڊ سوشل جسٽس پاران رانا غلام نبي راجپوت، بهادر خان ابڙو، پرڪاش سنگهه ،رجب علي بوزدار ،خالد ڪاڪا،گلزار راجپوت،امير علي بليدي،ستار لاکو،اختيار ڀاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي سنڌو کي گلن سان ڀيٽا پيش ڪئي وئي،مسوڀرڳڙي لڳ ڳوٺ غلام حيدر جويو م  6 تڪراري ڪئنالن خلاف ڪامريڊ غلام قادروسير، سليم ڪوريو، بلاول وسير، بشير خاصخيلي ۽ ٻين سوين ماڻهن پاران ريلي ڪڍي  احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي، باهو کوسو ۾  عيد نماز بعد قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي سياسي سماجي تنظمن، شھرين ۽ ھارين  پاران منٺار گھنڃون ۽ ناصر ڪنڊراڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، نصيرآباد ۾ ڳوٺ سعيد خان پنهور جي رهواسين پاران ڳوٺ کان نصيرآباد پريس ڪلب تائين 3 ڪلوميٽر پيادل شارٽ مارچ ڪري نعمت الله پهنور ، فرحان ٽڳڙ توفيق پهنور ، رياض ڦلپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.  ميان صاحب ۾ شهرين طرفان تاج رند ٖ محسن رائو، محمد آصف سومرو ٖ نثار سومرو ٖ فقير ميان علي رضا مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. نئون ديرو ۾ عيد جي ٻئي ڏينهن سنڌو بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي خالد ڪوري، فياض ابڙو، عيسيٰ جتوئي، مقصود ميراڻي، راحيل ڪلهوڙو، سرتاج شيخ، علي رضا عباسي، ڪامريڊ حسين بخش ناريجو، وريام چنه، خالد ڀٽو، جاويد ڀٽو، محمد علي ابڙو، ريما فقير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. قمبر ۾ عيد جي ڏينهن نماز جي اجتماعن ۾ خطيبن طرفان سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ واري عمل کي غير اخلاقي، غير شرعي ۽ غير آئيني قرار ڏيندي مذمت ڪرڻ سميت درياءَ  جي بحالي ۽ سنڌ جي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون ويون ماڻهن تڪراري ڪئنال رٿا خلاف ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي شرڪت ڪئي، جڏهن ته علي خان محلي واسين فرچ هڪڙو،شعيب هڪڙو،وقار هڪڙو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، قمبر اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سڏ تي جناح باغ کان عيد نماز ادا ڪرڻ بعد ريلي ڪڍي وئي، يوٿ فورم ڳوٺ ڇڄڙا طرفان نوجوانن ڪئنال رٿا خلاف ڳوٺ کان شيراز ڀٽو،محسن پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي 3 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري قمبر پريس ڪلب پهتا، جسقم طرفان به عيد ڏينهن شاهجهان ڪلهوڙو، شفيق جو ڻيجو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو، قمبر جي ٽوٽاڻي برادري طرفان تڪراري ڪئنال رٿا خلاف ڪرڪيٽ گرائونڊ کان گداحسين ۽ بخت ٽوٽاڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هيو ته سنڌو ۾ اسانجو ساھ آهي درياھ سڪو ته اسانجو وجود به نه رهندو، پاڻي جياپو ۽ روزگار جو ذريعو آهي سمورا ماڻهو روڊن رستن تي نڪري احتجاج ڪري پنجاب جي سنڌ کي سڪائڻ ۽ درياهه جو پاڻي چورائڻ واري سازش کي ناڪام بڻائن اسان عيد جون خوشيون سنڌو جي بحالي سان ارپي ڇڏيون آهن