اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ گذريل سترنهن سالن دوران سنڌ صوبي جي ترقياتي منصوبن لاءِ رکيل ترقياتي بجيٽ جا تفصيل پيش، جنهن ۾ اهو انڪشاف ٿيو آهي ته سال 2008 کان سال 2025 تائين سنڌ صوبي جي ترقياتي منصوبن لاءِ مجموعي طور تي 9 کرب 74 ارب 42 ڪروڙ 60 لک روپيا مختص ڪيا ويا، هر وفاقي حڪومت دوران سنڌ جي ترقياتي بجيٽ ۾مسلسل گهٽتائي ڪئي وئي، ڪڏهن به مڪمل رقم نه جاري ٿي سگهي نه وري خرچ ٿي سگهي. پيپلزپارٽي جي 2008 کان شروع ٿيندڙ وفاقي حڪومت دوران پهرين ٻن سالن بعد باقي ٽن سالن دوران سنڌ جي ترقياتي ۾ مسلسل گهٽتائي جو انڪشاف ٿيو، مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومت دوران ڪجھه سالن ۾ پ پ کان وڌيڪ رقم رکڻ کانپوءِ غيرمعمولي گهٽتائي ٿيڻ جي به تصديق ٿي. تفصيل موجب رٿابندي جي وفاقي وزير احسن اقبال پيپلزپارٽي جي ڪراچي مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر آغا رفيع الله جي سوال جو لکت ۾ جواب جمع ڪرائيندي سال 2008 کان 2025 تائين گذريل سترنهن سالن دوران وفاقي حڪومتن پاران سنڌ صوبي جي ترقياتي اسڪيمن لاءِ مختص ڪيل ترقياتي بجيٽ جا تفصيل پيش ڪيا. قومي اسيمبلي ۾ لکت ۾ پيش ڪيل تفصيلن مطابق پيپلزپارٽي جي وفاقي حڪومت دوران مالي سال 09-2008 ۾ سنڌ جي ترقياتي منصوبن لاءِ وفاقي ترقياتي بجيٽ ۾ سنڌ صوبي لاءِ 54 ارب 5 ڪروڙ 80 لک رپيا مختص ڪيا ويا، پيپلزپارٽي جي ٻئي حڪومتي سال يعني 10-2009 ۾ سنڌ جي ترقياتي منصوبن لاءِ مختص رقم ۾ اضافو ڪري 63 ارب 4 ڪروڙ 60 لک رپيا رکيا ويا، باقي ٽن سالن دوران سنڌ جي ترقياتي منصوبن لاءِ رقم ۾ مسلسل گهٽتائي ڪئي ويندي رهي، پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ مالي سال 11-2010 ۾ سنڌ صوبي جي ترقياتي منصوبن لاءِ گذريل مالي سال دوران مختص ڪيل سنڌ جي ترقياتي بجيٽ ۾ 31 ارب ، 7 ڪروڙ جي گهٽتائي ڪري رڳو 31 ارب 97 ڪروڙ 60 لک رپيا مختص ڪيا ويا، ائين مالي سال 12-2011 دوران پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ سنڌ جي ترقياتي بجيٽ ۾ وڌيڪ 2 ارب 80 ڪروڙن جي گهٽتائي ڪري انهي سال دوران سنڌ جي ترقياتي منصوبن لاءِ 29 ارب 22 ڪروڙ 80 لک رپين جي بجيٽ مختص ڪئي وئي جڏهن ته پيپلزپارٽي جي آخري حڪومتي مالي سال 13-2012 ۾ سنڌ جي ترقياتي منصوبن لاءِ 41 ارب 66 ڪروڙ رپين جي بجيٽ رکي وئي . پيپلزپارٽي جي حڪومت بعد وفاق ۾ قائم ٿيندڙ مسلم ليگ ن جي حڪومت جي پهرين مالي سال 14-2013 ۾ سنڌ جي ترقياتي منصوبن لاءِ 49 ارب 75 ڪروڙ 40 لک رپيا مختص ڪيا ويا، ن ليگ جي ٻئي سال 15-2014 ۾ پهرين سالن کان به 4 ارب گهٽ 45 ارب 59 ڪروڙ 70 لک رپين جي بجيٽ سنڌ جي ترقياتي مصوبن لاءِ مختص ڪئي وئي ، مسلم ليگ ن جي حڪومت ۾ مالي سال 16-2015 ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ترقياتي بجيٽ ۾ اضافو ڪندي 56 ارب 52 ڪروڙ 70 لک رپيا مختص ڪئي وئي جڏهن ته مالي سال 17- 2016 ۾ وري گذريل سال کان به سنڌ جي ترقياتي بجيٽ ۾ گهٽتائي ڪندي 43 ارب 37 ڪروڙ 40 لک رپيا سنڌ جي ترقياتي منصوبن لاءِ مختص ڪئي وئي. مسلم ليگ ن جي آخري مالي سال18-2017 ۾ سنڌ جي ترقياتي بجيٽ ۾ اضافو ڪندي 80 ارب 85 ڪروڙ ، 40 لک رپيا ڪئي وئي . تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي حڪومت جي پهرين سال دوران مسلم ليگ ن جي آخري سال ۾ سنڌ لاءِ مختص ڪيل ترقياتي بجيٽ ۾ 36 ارب 5 ڪروڙ 90 لک رپين جي گهٽتائي ڪري مالي سال 19- 2018 ۾ سنڌ جي ترقياتي منصوبن لاءِ 44 ارب 79 ڪروڙ ، 50 لک رپيا مختص ڪئي وئي. عمران خان جي ٻئي حڪومتي سال دوران سنڌ جي ترقياتي بجيٽ ۾ اضافو ڪندي مالي20-2019 سال ۾ 67 ارب 83 ڪروڙ 10 لک، اضافو ڪندي مالي سال 21-2020 ۾ 72 ارب 93 ڪروڙ 20 لک ۽ مالي سال 22-2021 ۾ سنڌ جي ترقياتي منصوبن لاءِ 85 ارب 31 ڪروڙ 20 لک رپيا مختص ڪيا ويا. عمران خان جي حڪومت کي عدم اعتماد ذريعي ختم ڪرڻ بعد پي ڊي ايم جي ڇٽي هيٺ قائم شهباز شريف جي حڪومت ۾ 23-2022 عمران خان جي حڪومت جي گذريل سال کان به 21 ارب گهٽائي 53 ارب 75 ڪروڙ 40 لک رپيا بجيٽ رکي وئي جڏهن ته مالي سال 24-2023 ۾ 67 ارب 74 ڪروڙ رپيا سنڌ جي ترقياتي اسڪيمن لاءِ مختص ڪيا ويا. ته پيپلزپارٽي جي تعاون سان قائم ن ليگ جي موجوده حڪومت جي پهرين مالي سال 25-2024 ۾ سنڌ صوبي جي ترقياتي اسڪيمن لاءِ 85 ارب 98 ڪروڙ 80 لک رپيا مختص ڪيا ويا.
ڪيتري رقم جاري ٿي؟ وفاقي حڪومت تفصيل ظاهر نه ڪيا
اسلام آباد: ڪراچي مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر آغا رفيع الله جي اڌوري سوال جو رٿابندي جي وزير اڌورو جواب پيش ڪرايو. آغا رفيع الله رٿابندي وزارت لاءِ لکت ۾ قومي اسيمبلي ۾ سوال جمع ڪرايو ته “رٿابندي جو وزير ٻڌائي ته سال 2008 کان سال 2025 تائين سنڌ لاءِ ڪيتري ترقياتي بجيٽ مختص ڪئي وئي. اگر آغا رفيع الله اهو سوال نه ڪيو ته 2008 کان 2025 تائين مختص بجيٽ مان هر سال ڪيتري رقم جاري ٿي ۽ جاري ٿيل رقم مان ڪيتري خرچ ٿي. پر اهو سوال نه هجڻ ڪري اهڙا تفصيل حڪومت پاران نه ڄاڻايا ويا.
پ پ ۽ ن ليگ جي ڀيٽ ۾ پي ٽي آءِ سنڌ لاءِ وڌيڪ بجيٽ رکي
اسلام آباد: گذريل 17 سالن دوران پ پ، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ حڪومت ۾ سنڌ لاءِ رکيل ترقياتي بجيٽ جو جائزو وٺڻ مان اهو به پتو پيو ته پي ٽي آءِ دور ۾ سال 2021-2022ع سڀ کان وڌيڪ 85 ارب ترقياتي بجيٽ رکي وئي، پ پ حڪومت ۾ وڌ ۾ وڌ 54 ارب جي بجيٽ رهي، ن ليگ حڪومت ۾ 80 ارب ترقياتي بجيٽ سال 2017-18ع ۾ رکي وئي. اهڙي ريت موجوده حڪومت سال 2024-25ع لاءِ 85 ارب سنڌ جي ترقياتي بجيٽ رکي آهي.
پي ٽي آءِ حڪومت مدي ۾ پوئتي، سنڌ لاءِ ترقياتي بجيٽ رکڻ ۾ اڳتي
اسلام آباد: پ پ حڪومت 5ورهين دوران مجموعي طور 226 ارب، ن ليگ 5 ورهين دوران 242 ارب، پي ٽي آءِ 4 بجيٽن دوران 268 ارب جي ترقياتي بجيٽ سنڌ لاءِ رکي.
سنڌ لاءِ ڪڏهن به مڪمل ترقياتي بجيٽ جاري نه ٿي
اسلام آباد: رٿابندي وزارت جي انتهائي ذميوار ذريعن ٻڌايو آھي ته سنڌ صوبي جي منصوبن لاءِ هر سال مختص رقم مان سو سيڪڙو رقم ڪڏهن به خرچ يا جاري نه ٿي سگهي. ذريعن ٻڌايو ته ان حوالي سان انهي ڳالھه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ٻن ڏهاڪن کان مسلسل هر مالي سال دوران ترقياتي پروگرام لاءِ مختص ٿيل رقم مان ڪڏهن به سو سيڪڙو رقم خرچ نه ٿي آھي. هر سال ترقياتي بجيٽ ۾ ڪٽ لڳندو رهيو آھي.
سنڌ لاءِ رکيل ترقياتي بجيٽ ۾ وفاقي منصوبا به شامل
اسلام آباد : 2008 کان 2025 تائين يعني گذريل سترنهن سالن دوران سنڌ صوبي جي ترقياتي منصوبن لاءِ مختص ٿيندڙ رقم ۾ اهي منصوبا به شامل آھن جيڪي وفاقي حڪومت پاران وفاق جي ذميوارين ۾ ايندڙ انفرا اسٽڪچر ۾ اچن ٿا پر اهي سنڌ ۾ واقع آهن جن ۾ نيشنل هاءِ وي، موٽروي ۽ سنڌ ۾ قائم وفاقي وزارتن جو انفراسٽڪچر شامل آھي.