حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاري ڪميٽي پاران اڳوڻي صدر ڪامريڊ اظهر جتوئي جي 18 نومبر تي رٿيل چوٿين ورسي جي موقعي تي درياهه بچايو مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي جي اڳواڻي ۾ اهو مارچ ٽنڊي محمد خان ۾ ڪيو ويندو. ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو آهي ته ڪامريڊ اظهر جتوئي سنڌ جو سچو عاشق هو ۽ زندگي جي آخري دم تائين هن سنڌ سان نيهن نڀايو ۽ باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جي جدوجهد واري واٽ تي هلندي پورهيت عوام جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو. هن چيو ته سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪيو پيو وڃي. سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش رٿي وئي آهي. سنڌ هاري ڪميٽي درياهه کي بچائڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.