اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچ لاءِ 9ججز جي نامزدگي ڪري ڇڏي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت ۾ جوڊيشل ڪميشن جو ٽيون اجلاس ٿيو، پڌرائي موجب ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچز جوڙڻ لاءِ ججز جي منظوري ڏني، پڌرائي موجب ججز جي منظوري اڪثريت راءِ سان ڪئي وئي، 11 ووٽ حمايت ۽ 4 مخالفت ۾ آيا، ذريعن موجب جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ اختلافي راءِ ڏني پر چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي حق يا مخالفت ۾ ووٽ نه ڏنو. ذريعن موجب جوڊيشل ڪميشن شبلي فراز ۽ عمر ايوب جو ٻن ڪلاڪن تائين انتظار ڪيو، شبلي فراز ۽ عمر ايوب ٻي وڳي تائين سپريم ڪورٽ اسٽاف سان رابطي ۾ هئا پر پوءِ سندن نمبر بند ٿي ويا. پڌرائي موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ آئيني بينچز جو مدو ٻه مهينا هوندو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جسٽس ڪي ڪي آغا (ڪريم خان آغا) آئيني بينچز ۽ آئيني ڪاميٽي جو سربراهه هوندو، آئيني بيچز ۾ جسٽس عمر سيال، جسٽس محمد سليم جيسر، جسٽس عبدالمبين لاکو، جسٽس ذوالفقار علي سانگي، جسٽس ثنا منهاس، جسٽس خادم حسين سومرو، جسٽس ارباب علي، جسٽس يوسف علي سعيد شامل آهن. پڌرائي موجب جسٽس منصور ۽ جسٽس منيب وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس محمد شفيع صديقي به شرڪت ڪئي، ان کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سمورن ججز کي 24 نومبر تائين آئيني بينچ لاءِ نامزد ڪيو ويو هو.