اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 12 ايڊيشنل ججز جي مقررين لاءِ 46 نالن تي غور ڪيو ويندو. سيڪريٽري جوڊيشل ڪميشن جوڊيشل ڪميشن ميمبرن کي 46 نالا موڪلي ڇڏيا. 46 نالن ۾ 6 ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز جا نالا شامل آهن. جڏهن ته باقي 40 وڪيلن جا نالا شامل آهن. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز ۾ سريش ڪمار، خالد حسين شاهاڻي، مشتاق احمد لغاري شامل آهن. ايڊيشنل اينڊ سيشن ججز ۾ تنسيم سلطانه، منور سلطانه ۽ امير علي مهيسر شامل آهن. موڪليل 40 وڪيلن جي نالن ۾ علي حيدر، نثار احمد ڀنڀرو، رياض علي ساحر، ميران محمد شاهه، راجا جواد علي سحر، عبدالرحمان خان، رفيق احمد ڪلوڙ، عمائمه انور خان، محمد عثمان علي هادي، محمد عمر لاکاني، منصور علي گهانگهرو، محمد ذيشان عبدالله، محمد جعفر رضا، ذوالفقار علي سانگي، حق نواز ٽالپر، عبدالحامد ڀرڳڙي، ڊاڪٽر فياض الحسن شاهه، محسن قادر شهواڻي، قاضي محمد بشير، سنديب ملاني، محمد حسن اڪبر، سيد احمد شاهه، امداد علي، چوڌري عاطف رفيق، محمد جشميد ملڪ، عرفان مير، جان علي جوڻيجو، ولي محمد کوسو، فياض احمد، الطاف حسين، غلام محي الدين، راشد مصطفيٰ، ارشد زاهد علوي، سيد طارق احمد شاهه، صغير احمد عباسي، وزير حسين کوسو، پرڪاش ڪمار، محمد ذيشان، ريحان عزيز، شازيه بنجرا شامل آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججز جي آسامين جي لاءِ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس 23 جنوري تي ٿيندو. جنهن ۾ ڄاڻايل نالن تي غور ڪيو ويندو.