سنڌ هاءِ ڪورٽ پيمرا جي طرفان ڪورٽ رپورٽنگ تي لڳايل پابندي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪورٽ رپورٽنگ تي پابندي خلاف درخواست تي ٻڌڻي هلائي ، عدالت ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ بعد پيمرا جي فيصلي خلاف ڪورٽ رپورٽرز جي درخواست منظور ڪندي ڪورٽ رپورٽنگ تي پابندي بابت پيمرا جي ڊائريڪشن کي ڪالعدم قرار ڏنو، عدالت صحافين کي عدالتي رپورٽنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي، پيمرا طرفان ڪجهه مهينا اڳ عدالتي رپورٽنگ تي پابندي لاڳو ڪئي هئي، صحافين طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪيون ويون هيون