ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ 125 خالي جاين تي ڀرتيون روڪي ڇڏيون, سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي 125 خالي جاين تي ڀرتيون روڪي ڇڏيون, ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ رولز خلاف گريڊ 16 ۾ ڀرتين خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي, درخواست ڪاليج کاتي جي ملازم پاران داخل ڪئي وئي آهي,درخواست گذار جي وڪيل چيو ته ڪاليج ايجوڪيشن رولز موجب 50 سيڪڙو پروموشن ۽ 50 سيڪڙو ڪميشن ذريعي ڀرتيون ٿينديون,عدالت چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا,عدالت ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ 125 جايون خالي رکڻ جي هدايت به ڪري ڇڏي, ڪاليج ايجوڪيشن کاتو گريڊ 16 جي 50 سيڪڙو خالي جاين تي ڀرتيون روڪي ڇڏي.