ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سنڌ جي مختلف 13 جوڊيشل آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس جي منظوري بعد مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري, جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج  غلام عباس ميمڻ کي گمبٽ مان بدلي ڪري ڪراچي سينٽرل ۾ مقرر ڪيو ويو, ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج  عرفان علي کي ڪراچي سينٽرل مان بدلي ڪري گمبٽ ۾ مقرر ڪيو ويو, شڪارپور جي سينيئر سول جج عبدالفھيم کي شڪارپور مان ھٽائي ڊپٽي رجسٽرار سنڌ ھاءِ ڪورٽ مقرر ڪيو ويو,سينيئر جوڊيشل مئجسٽريٽ ڪي اين شاھ نياز حسين کي دادو موڪليو ويو, نوٽفڪيشن موجب سينيئر جوڊيشل مئجسٽريٽ عاشق علي کي دادو مان ھٽائي ڪي اين شاھ ۾ مقرر ڪيو ويو، سينيئر جوڊيشل مئجسٽريٽ جيڪب آباد سجاد احمد کوسو کي جيڪب آباد جي فيملي ڪورٽ ۾ مقرر ڪيو ويو, سينيئر جوڊيشل مئجسٽريٽ سينٽرل مشتاق علي کي بدلي ڪري عمر ڪوٽ ڏانھن روانو ڪيو ويو، نجيب الله سومرو، عبدالستار، ريحان عبدالھادي، حميد الله، عامر علي ۽ صبا ترڪ سميت 13 ججن جون سنڌ جي مختلف شھرن ۾ مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون.