ڪراچي( اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ مجاهد ڪالوني ۾ غير قانوني اڏاوت خلاف 70 شهرين پاران داخل درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي سمورن ڌرين جا تفصيلي موقف ٻڌڻ بعد اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته مجاهد ڪالوني ۾ ماسٽر پلان بنا اڏاوت ٿي آهي، ڪالوني ۾ ٿيل غيرقانوني اڏاوت خلاف ڪي ڊي اي قانون مطابق ڪارروائي ڪري سگهي ٿي، حڪم نامي موجب سموريون ڪارروايون قانون جي دائري ۾ ۽ اڳ ۾ آيل عدالتي حڪمن کي نظر ۾ رکي ڪيون وڃن، عدالت هدايت ڪئي ته عدالتي حڪمن جي ڪاپي ڪي ڊي اي جي ڊائريڪٽر جنرل کي به اماڻي وڃي، عدالت حڪم نامي بعد درخواست کي اڪلائي ڇڏيو، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن ڪي ڊي اي ماسٽر پلان جي ابتڙ اڏاوت کي مسمار ڪندي ته اعتراض نه هوندو.