سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر عارف علوي جي ٽن ڪيسن ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي، ٽن ڪيسن ۾ امڪاني گرفتاري کان بچڻ لاءِ اڳوڻي صدر هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي، عدالت 50 هزار رپين جا مچلڪاجمع ڪرائڻ بعد 20 ڏهاڙن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪئي، عدالت چيو ته ڪيس کي وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ معامرو آئيني عدالت کي موڪلي رهيا آهيون، سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عارف علوي چيو ته ڪوڙ به اهڙو ڳالهايو جيڪو هلي سگهي، مارجي ويل ڪارڪنن جو انگ لڪايو پيو وڃي، پي ٽي آءِ ڪو جاچ ڪندڙ ادارو نه آهي جو جاچ ڪري، جاچ ڪرڻ سرڪاري ڪم آهي، پي ٽي آءِ کي سرڪار ڏيو، جاچ ڪري ڏينداسين.