حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ 2 مهينن دوران 2 هزار 424 ڪيس اڪلائي ڇڏيا آهن. اڪلايل ڪيسن ۾ آئيني پٽيشنز، جيل اپيلون، ضمانتون، ملازمتن وارن ڪيسن سميت ٻيا ڪيس شامل آهن. عدالتي عملي پاران جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 8 آگسٽ 2022ع کان 14 آڪٽوبر 2022ع تائين 4 رڪني بئنچ ڪيس اڪلايا آهن. سنگل بئنچ ۾ جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو 377، جسٽس محمود اي خان 206، جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ 460 ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي مشتمل سنگل بئنچ 462 ڪيس اڪلايا. پڌرائي ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي مشتمل ڊويزنل بئنچ 369 ڪيسز جون ٻڌڻيون ڪري متاثرين کي رليف ڪرايو جڏهن ته جسٽس محمود اي خان ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي مشتمل ڊويزنل بئنچ به 428 ڪيس اڪلائي حقدارن کي پنهنجو حق ڏيارايو آهي. اهڙي ريت جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي مشتمل ڊويزن بئنچ ۾ به 168 ڪيس ٻڌڻي هيٺ رهيا جيڪي سمورا اڪلائي متاثر ماڻهن جا معاملا حل ڪرايا ويا آهن. حيدرآباد ۾ قائم سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بئنچ جي حوالي سان اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته ان کان اڳ ايڏي وڏي تعداد ۾ ڪيس اڪلائجي نه سگهيا هئا.