ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 6  نون ايڊيشنل ججن حلف کڻي ورتو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي ايم شيخ  ايڊيشنل ججن علي احمد ٻوھيو، محمد عبدالرحمان، خادم حسين سومرو، ارباب علي ھڪڙو، جواد اڪبر ۽ ثنا اڪرم منهاس کان حلف کڻايو، اهي ايڊيشنل جج رڳو هڪ سال لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن، حلف برداري واري تقريب ۾ هاءِ ڪورٽ جي ججن، بار اڳواڻن ۽ سينيئر وڪيلن شرڪت ڪئي.