اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي جج لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عرفان سادات جو نالو تجويز ڪيو آهي. جڏڊيشل ڪميشن جو اجلاس اڄ 20 آڪٽوبر تي ٿيندو. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ ۾ هن وقت ٻن ججن جون جايون خالي آهن.