ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچن جو روسٽر جاري، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي پرنسپل بينچ ۾جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾  جسٽس عبدالمبين لاکو ۽ محترمه ثنا اڪرم منهاس تي ٻڌل 3 ڪني بينچ هوندي، سکر سرڪٽ بينچ ۾ جسٽس محمد سليم جيسر ۽ جسٽس ذوالفقار علي سانگي، حيدرآباد سرڪٽ بينچ ۾ جسٽس يوسف علي سعيد ۽ جسٽس خادم حسين تنيو هوندا، حيدرآباد سرڪٽ بينچ اڱاري ڏينهن ميرپور خاص سرڪٽ بينچ ۾ ڪم ڪندي، لاڙڪاڻو سرڪٽ بينچ ۾ جسٽس سليم جيسر ۽ جسٽس ارباب هڪڙو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ اربع ۽ خميس تي ٻڌڻي ڪندي،  ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 22 هزار کان وڌيڪ آئيني درخواستون ۽ ڪيس التوا ۾ آهن، جن کي آئيني بئنچ ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ آئيني بينچز  جي درخواستن بابت سرڪيولر جاري ڪري ڇڏيو، سرڪيولر موجب آئيني بينچز جي قيام بعد آرٽيڪل 199 جي سب سيڪشن 1 جي پيراگراف اي، سي ۽ آءِ تحت درخواستن جي ٻڌڻي آئيني بينچز ۾ ٿيندي، آئين جي آرٽيڪل 202A تحت 3 رڪني ڪاميٽي پاران مختلف بينچز جوڙيون وينديون، سموريون لاڳاپيل درخواستون آئيني بينچز کي منتقل ڪيون پيون وڃن، سرڪيولر جي ڪاپي سرڪٽ بينچز، هاءِ ڪورٽ بار جي سيڪريٽري ۽ سنڌ بار ڪونسل کي اماڻي وئي آهي، واضح رهي ته جوڊيشل ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچز لاءِ 9 ججن جي نامزدگي ڪري ڇڏي،