ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي چونڊن ۾ ٻين ضلعن جي 425 وڪيلن کي ووٽ جو حق ڏيڻ تان وڪيلن ۾ اختلاف، معاملو عدالت پھچي ويو، وڪيلن ۽ جسٽس محمود خان وچ ۾ منهن ماري، چيف جسٽس جي چيمبر اڳيان احتجاج، ان ڏس ۾ ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هاءِ ڪورٽ بار ڪراچي جي چونڊن ۾ ٻين ضلعن جي 425 وڪيلن کي ووٽ جو حق ڏيڻ خلاف وڪيلن پاران داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران وڪيلن ۽ جسٽس محمود خان وچ ۾ منھن ماري ٿي، وڪيلن جسٽس محمود خان جي بينچ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي ڪيس هلائڻ کان انڪار ڪيو، اهي کيس  چيمبر ۾ وڃڻ جا مشورا ڏيندا رهيا، ان موقعي تي عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، عدالتي ڪارروائي کانپوءِ سوين وڪيلن ريلي ڪڍي چيف جسٽس جي چيمبر ٻاھران نعريبازي ڪئي، جتي هنن  جسٽس محمود خان کي ھٽائڻ جو مطالبو ڪيو، درخواست گذار وڪيلن جو چوڻ هو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ڪراچي ۾ين ضلعن جي 425 وڪيلن کي ووٽ جو حق ڏنو ويو آهي، جيڪو عمل انصاف جي تقاضائن جي ابتڙ آهي، ٻين ضلعن جي وڪيلن کي ووٽ جو حق ڏيڻ سان چونڊن جي شفافيت متاثر ٿيندي ، فوري طور تي 425 نون وڪيلن جي ووٽ کي رد ڪيو وڃي.