لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جي ادب شعبي طرفان سنڌي ٻولي جي نامياري تاريخدان، محقق ۽ ليکڪ اياز ڀاڳت سان فڪري رهاڻ ڪوٺائي وئي. سندس ٻن ڪتابن ”بادشاهت جو زوال“ ۽ ”راهه نجات“جو مهورت ڪري”لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ“ به ڏنو ويو. پروفيسر سيد اظھر علي شاهه چيو ته اياز ڀاڳت، پنهنجي تحقيق ۾ سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي ثقافت جي خوشبو کي سمايو آهي، اياز ڀاڳت سنڌ جي تاريخ تي چڙهيل دز لاٿي آهي، افسوس جو مقام آهي ته سنڌ جي جاگرافي ۽ سنڌ جي ثقافت هاڻي ساڳي نه رهي آهي، اسان کي پنھنجي جاگرافيائي حدن ۽ سنڌ جي تاريخ جي واپسي لاءِ گهڻي طرفي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اهو ڪم اياز ڀاڳت خوش اصلوبي سان ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت جيڪي موسيقي جي تعليم جي مخالفت ڪري رهيا آهن اهي سنڌ جي تاريخ پڙهي ڏسن، سنڌ موسيقي ۽ فنون آرٽ جو مرڪز رهي آهي، اسان جي سماج کي انتهاپسندي جي ڪا به ضرورت ناهي. اياز ڀاڳت چيو ته آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي جيڪا مون کي عزت ڏني آهي اها منهنجي لاءِ اتساهه جو سبب آهي، اڄ مان پنهنجو نئون جنم محسوس ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته سنڌي بهادر رهيا آهن هن وقت اسان کي پوئتي رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان تاريخ جي بدترين دور مان گذري رهيا آهيون، مان ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته سنڌ، سنڌي ماڻهن سنڌ جي تاريخ کي اصل حالت ۾ ظاهر ڪريان. ليکڪ ننگر چنه چيو ته اسان جي تاريخ مسخ ٿيل آهي يا گم ٿيل آهي اسان کي تاريخ جا پيرا کڻڻ جي ضرورت آهي.

ڊراما نگار سڪندر عباسيءَ چيو ته اياز ڀاڳت، ڪڏهن به درباري نه رهيو آهي. ليکڪ جيئل اوڏ، غلام حسين ڪٽپر، زاهد جوڻيجو، عيسيٰ ميمڻ خطاب ڪيو. نامياري شاعر نويد ناز ڀٽي اياز ڀاڳت کي منظوم ڀيٽا پيش ڪئي. جڏهن ته اياز ڀاڳت کي اياز حسين لاڙڪ اجرڪ ۽ گلن جو دستو، منظور علي مهيسر ڪتابن جو تحفو پيش ڪيو. تقريب جي ڪاروائي حسين علي ڪنڀر هلائي. تقريب ۾ استاد خالد چانڊيو، محمد پنجل سانگي، ڊاڪٽر محمد حيات کهاوڙ، عبدالهادي بگٽي، يامين بلوچ، روشن ٽوٽاڻي، سڪندر علي ڪلهوڙو، اياز حسين لاڙڪ، تشڪيل ميربحر، عزيز قاسماڻي، نادر علي جانوري، ياسين ميمڻ، منظور علي شيخ، تشڪيل ميربحر، احمد کوسو، عرفان علي منگي، نظير احمد ڀٽو، سراج الدين ابڙو، محمد يعقوب هليو ۽ حمز علي سوهو سميت ڪيترن اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي.