ڪراچي(اسٽاف رپورٽر )سنڌ مدرسي ۽ تحقيق ۽ اعليٰ تعليم ۾ تعاون تي اتفاق، پاڪستان ۾ ترڪيءَ جي سفير ڊاڪٽر عرفان نذير اوغلو قونصل جنرل جمال سانگو سان گڏ سنڌ مدرسي پهچي وي سي ڊاڪٽر مجيب صحرائي سان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ تحقيق، اعليٰ تعليم، تصوف ۽ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۽ ترڪي جي يونيورسٽين وچ ۾ تعاون جي امڪاني طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي .ترڪ سفير  بزنس ايڊمنسٽريشن ، آرٽيفيشل انٽيليجنس، ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز ۽ سوشل اينڊ ڊولپمينٽ اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ سان تعاون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ترڪ سفير چيو ته هو سنڌ مدرسي جي سٽي ڪيمپس ۾ قائم ٿيندڙ جلال الدين رومي چيئر جي مدد ڪندو ۽ ان جو قونيه جي سيلڪوڪ يونيورسٽي ۽ ٻين يونيورسٽين سان الحاق ڪرائيندو.