ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو 12 هون اجلاس وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي جي صدارت ۾ ٿيو. ڪائونسل ٻن نئين جامع پاليسين امتحاني پاليسي ۽ گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ اسٽڊيز پاليسي جي منظوري ڏني. جڏهن ته ايڊميشن پاليسي ۽ ريسرچ پاليسي جلد جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪائونسل مختلف شعبن جي بورڊ آف اسٽڊيز ۽ بورڊ آف فيڪلٽي پاران تجويز ڪيل مختلف شعبن جي ڪورسز ۾ تبديلين جي پڻ منظوري ڏني. انفارميشن ٽيڪنالاجي جو نصاب خاص طور تي ڊجيٽل دور جي تقاضا مطابق اپ گريڊ ڪيو ويو. واضح ڪيو ويو ته ڪورسز ۾ تبديليون هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي هدايتن موجب ڪيون وينديون. تبديلين جي لاءِ ايچ اي سي کان نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ پڻ ورتو ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تعليم جي معيار تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو بلڪه ان کي اڃا وڌيڪ بهتر ڪيو ويندو. اجلاس ۾ هڪ 4 رڪني نظرثاني ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي جيڪا نصاب ۾ تجويز ڪيل تبديلين کي ڏسندي. ڪاميٽي جا ميمبر پروفيسر ڊاڪٽر زاهد علي چنڙ، پروفيسر ڊاڪٽر آفتاب احمد شيخ، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالحفيظ خان ۽ فرقان افتخار هوندا. فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي انوائرمينٽل سائنس ليبارٽري کي جلد فعال ڪيو ويندو. ٻه پروفيسر ڊاڪٽر آفتاب احمد شيخ ۽ ڊاڪٽر جمشيد عادل هاليپوٽو الحاق ڪاميٽي جا ميمبر نامزد ڪيا ويا. ڊاڪٽر زاهد علي چنڙ ۽ ڊاڪٽر عبدالحفيظ خان کي ڊسيپلين ڪاميٽي جو ميمبر نامزد ڪيو ويو.