مٺي (رپورٽر ) مٺي جي گڍي ڀٽ تي هندو برادري جي ڏڻ ديوالي تي سجايل لاهوتي ميوزڪ ميلو رچايو ويو، لاهوتي ميوزڪ ميلي ۾ صوبائي وزير سيد سردار علي شاه، صوبائي وزير دوست محمد راهمون، ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، سينيٽر پونجو مل ڀيل، ضلع چيئرمين ۽ پ پ پ ضلع صدر ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو، قاسم سومرو، انجنئر گيان چند، ڊاڪٽر منوج ڪمار ملاڻي، سشيل ملاڻي، ڊي سي حليم جاڳيراڻي، ايس ايس پي سمير نور چنا سميت وڏي انگ ۾ٿري ماروئڙن شرڪت ڪئي، لاهوتي ميوزڪ ميلي ۾ صنم ماروي، رجب فقير، مائي ڌائي، راحت صادق فقير، اسلم فقير، سيف سميجو، عباس فقير ، ذولفقار لنڊ، زاهده فقير سميت ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر جي فنڪارن فن جو مظاهرو ڪري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، جڏهن ته صنم ماروي ۽ رجب فقير جي ڳايل گيتن تي پنڊال ۾ موجود مداع جهمريون ۽ رقص پائڻ تي مجبور ٿي ويا،ميوزيڪل پروگرام ۾ سيڪورٽي انتظام نه هئڻ ڪري بدنظمي جا واقعا پڻ ٿيندا رهيا ، لاهوتي ميلي کي صوبائي وزير سردار شاھ خطاب ڪندي چيو ته ڏياري نفرت مٿان محبت جي حڪمراني جو ڏينهن آھي، ڏياري لطيف جو ڏينهن آھي ڏياري آزادي ۽ محبت جي حقيقي روپ جو ڏينهن آھي، هن چيو ته سنڌ محبتن جو ديس آھي جتي ڪنهن به قسم جي انتهاپسندي قبول نه ڪئي ويندي، ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي خطاب ڪندي چيو ته ڏياري روشنين ۽ خوشين جو ڏينهن آھي ڏياري تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پهتل هزارين ماڻھن کي مٺي جي گڍي ڀٽ تي اسانجي پروگرام ۾ اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿو، هن چيو ته ڏياري محبت جي اظھار جو ڏينهن آھي